رشي ڪپور جي آخري فلم رليز ڪرڻ جو اعلان

بالي ووڊ جي ليجنڊري اداڪار رشي ڪپور جي آخري فلم کي رليز ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

رشي ڪپور ٻه سال اڳ اپريل 2022 ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو، جنهن جي هڪ فلم هاڻي رليز ڪرڻ جي تاريخ ڏني وئي آهي.

رشي ڪپور ڪيترين ئي سپر هٽ ۽ يادگار فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي، جن ۾ بوبي، ڪپور اينڊ سنز ۽ اگني پٿ شامل آهن، جڏهن ته رشي ڪپور جا مداحن هاڻي کيس آخري ڀيرو اسڪرين تي ڏسندا.

رپورٽ موجب فلم ”شرما جي نمڪين“ کي 31 مارچ تي رليز ڪيو ويندو.

فلم ۾ رشي ڪپور کانسواءِ اداڪار پاريش راول، جوهي چاولا، سهيل نير، تارڪ رائنا، ستيش ڪوشڪ ۽ ٻين فنڪارن اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن.

هي فلم او ٽي ٽي پليٽ فارم ايمازون پرائم وڊيو تي رليز ڪئي ويندي.

Read Previous

فيس بُڪ ۾ وڏين تبديلين جي شروعات

Read Next

پاڪ فوج جي ترجمان جي اهم پريس ڪانفرنس

Most Popular