فيس بُڪ ۾ وڏين تبديلين جي شروعات

ٽيڪنالاجي ڪمپني ميٽا پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم جي ڊيسڪ ٽاپ ورزن لاءِ ڪيتريون ئي نيون تبديليون آڻڻ شروع ڪري ڇڏيون.

ٽيڪنالاجي ويب سائيٽ موجب ڪجهه واهپيدارن طرفان انهن تبديلين جي تصديق ڪئي وئي آهي، جنهن موجب ڊيسڪ ٽاپ ورزن تي نيوي گيشن ٽولز کي هاڻ کاٻي پاسي ڏسي سگهبو.

گڏوگڏ هڪ تبديلي يوٽيوب جهڙي آهي، جنهن ۾ واهپيدارن کي فيس بُڪ اپ ڊيٽ ڪرڻ تي ڊارڪ موڊ نظر ايندو.

چيو پيو وڃي ته فيس بُڪ پنهنجي ڊزائن کي ٻيهر ترتيب ڏيڻ لاءِ ٽيسٽنگ جي مرحلي ۾ آهي، جنهن جي پهچ ڪجهه مخصوص واهپيدارن تائين ئي هوندي پر واهپيدارن طرفان ان تبديلي کي گهڻو پسند نه پيو ڪيو وڃي.

ٽوئيٽر ۽ گوگل ميل کي ڏٺو وڃي ته ڊيسڪ پاٽ تي انهن جا سمورا ٽولز کاٻي پاسي نظر ايندا آهن پر هاڻ ڏسڻو آهي ته ميٽا ڪمپني جو اهو فيصلو ڪيتري حد تائين درست ثابت ٿئي ٿو ۽ ان مان ماڻهو خوش ٿين ٿا يا نه.

Read Previous

”اسپيڪر کي اختيار آهي ته پارٽي مينڊيٽ جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ميمبر جو ووٽ قبول نه ڪري“

Read Next

رشي ڪپور جي آخري فلم رليز ڪرڻ جو اعلان

Most Popular