ٽڪ ٽاڪ جو انقلابي قدم، واهپيدارن جي زندگي تبديل ٿي ويندي!

مشهور وڊيو شئيرنگ ايپلي ڪيشن ٽڪ ٽاڪ پنهنجي واهپيدارن لاءِ وڏو قدم کڻي کين خوش ڪري ڇڏيو.

ٽڪ ٽاڪ پنهنجو ميوزڪ ڊسٽري بيوشن ۽ مارڪيٽنگ پليٽ فارم سائونڊن (Soundon) لانچ ڪري ڇڏيو آهي، ايپل ميوزڪ، اسپاٽيفائي ۽ پنڊورا جهڙي وڏي عالمي پليٽ فارمز کانسواءِ آرٽسٽ پنهنجي ميوزڪ سڌي ريت ٽڪ ٽاڪ ايپ تي اپ لوڊ ڪري سگھن ٿا.

موسيقار ٽڪ ٽاڪ جي پيرنٽ ڪمپني (ByteDance) جي ذريعي هلايا ويندڙ پليٽ فارمز بشمول ميوزڪ اسٽريمنگ سروس ريسو ۽ وڊيو ايڊيٽر ايپ ”ڪيپ ڪٽ“ تي اپلوڊ ڪيل ٽريڪس سان رائلٽيز حل ڪندا آهن.

ان نظام کي پروموشنل، واهپيدارن جي رويي ۽ ترقياتي ٽولز پيش ڪرڻ لاءِ ڊزائن ڪيو ويو آهي ۽ حصو وٺندڙ فنڪار کي ٽڪ ٽاڪ جي تصديق، گاني جي ٽيب تي جڳهه جو تعين ۽ ٽڪ ٽاڪ جي وڏي تخليقڪارن جي نمائش تائين رسائي حاصل آهي.

اهو ”سائونڊآن پليس“ هڪ خاص اي اينڊ آر سروس جي لاءِ به اهل آهي.

اختيارين جو چوڻ آهي ته هي نئون پليٽ فارم”تخليقڪارن جي ان وڏي مرحلي جي سفر ۾ رهنمائي ڪندو“.

سال 2021 جي سرءُ واري مند کان سائونڊ آن جو بيٽا ورزن هاڻي آمريڪا، برطانيا، برازيل ۽ انڊونيشيا ۾ مڪمل طور دستياب آهي.

ڏکڻ ڪوريا جي مشهور ڳائڻي لانگ رليز جي موقعي تي چيو ته سائونڊ آن هڪ اهڙي جاءِ ٺاهي آهي، جتي ڪو به بلڪل اهو ئي ڪري سگھي ٿو، جيڪو هو ٺاهڻ چاهي ٿو، توهان جي پس منظر، توهان جي پرورش، توهان جي نسل، توهان جي عقيدي، توهان جي عمر سان ڪوئي فرق نٿو پوي، توهان ان خلا ۾ داخل ٿي پنهنجي جڳهه جي دعويٰ ڪري سگھو ٿا.

Read Previous

پاڪ فوج جي ترجمان جي اهم پريس ڪانفرنس

Read Next

پاڪستان ۾ بولڊ سين نٿا ڪري سگهون، ٻيهر ڀارت وينديس: صبا قبر

Most Popular