پنڊي ٽيسٽ جي ڊيڊ پِچ، آءِ سي سي سخت قدم کڻي ورتو

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ راولپنڊي ٽيسٽ ۾ استعمال ٿيل وڪيٽ کي معيار کان گهٽ قرار ڏئي ڇڏيو.

پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ راولپنڊي ۾ ٿيل پهرين ٽيسٽ جي وڪيٽ تي هر ڪنهن تنقيد ڪئي، ميچ جي 5 ڏينهن ۾ رڳو 14 وڪيٽون ڪِري سگهيون ۽ نتيجو ڪو به نه نڪتو، جنهن کانپوءِ آءِ سي سي جي ميچ ريفري رنجن مدوگالي پنهنجي رپورٽ ۾ وڪيٽ کي معيار کان گهٽ قرار ڏنو آهي.

رنجن مدوگالي پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته 5 ڏينهن دوران وڪيٽ جي ردعمل ۾ ڪا تبديل نه آئي، وڪيٽ تي نه فاسٽ بالرن لاءِ ڪجهه هو ۽ نه اسپنرن کي ڪا مدد ملي، جنهن سان بيٽ ۽ بال ۾ برابر مقابلو نه رهيو.

هن چيو ته آءِ سي سي قانونن موجب ان وڪيٽ کي معيار کان گهٽ قرار ڏنو پيو وڃي، ان ڪري راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم کي هڪ ڊي ميرٽ پوائنٽ به ڏني وئي آهي، اها ڊي ميرٽ پوائنٽ 5 سالن تائين ايڪٽو رهندي.

واضح رهي ته جيڪڏهن ڪنهن به وينيو تي 5 ڊي ميرٽ پوائنٽون لاڳو ٿي وڃن ته ان تي هڪ سال تائين ڪرڪيٽ نٿي ٿي سگهي.

Read Previous

پاڪستان ۾ بولڊ سين نٿا ڪري سگهون، ٻيهر ڀارت وينديس: صبا قبر

Read Next

يوڪرين جنگ ۾ 5 سئو کان وڌيڪ شهري مارجي ويا، لکين دربدر

Most Popular