ن ليگ ۽ پ پ پرويز الاهي کي پنجاب جي وڏ وزارت ڏيڻ تي راضي

ن ليگ ۽ پ پ پنجاب جي وڏي وزارت ق ليگ اڳواڻ پرويز الاهي کي ڏيڻ تي راضي ٿي ويون.

اپوزيشن ذريعن جو چوڻ آهي ته چوڌري پرويز الاهي کي وزارت اعليٰ ڏيڻ بابت اعلان 24 ڪلاڪن اندر ڪيو ويندو.

ذريعن موجب پ پ ۽ ن ليگ جي راضپي جو پيغام پ پ جي سينيئر اڳواڻ ق ليگ تائين پهچايو.

واضح رهي ته ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين گذريل ڏينهن چيو هو ته اسان جي جماعت ڪنهن مونجهاري جو شڪار ناهي، آچر تي بي اعتمادي بابت فيصلو ڪنداسين.

Read Previous

ڪنڊيارو 22 هين سالياني سخي حاجي ڊاڪٽر مسعود احمد سهتو فري گائني سرجيڪل ڪئمپ

Read Next

ڪراچي ٽيسٽ جو ٻيو ڏينهن به آسٽريليا جي نالي، 8 وڪيٽن تي 505 رنسون

Most Popular