ڪنڊيارو 22 هين سالياني سخي حاجي ڊاڪٽر مسعود احمد سهتو فري گائني سرجيڪل ڪئمپ

ڪنڊيارو رپورٽ غلام نبي منڱريو ڪنڊيارو 22 هين سالياني سخي حاجي ڊاڪٽر مسعود احمد سهتو فري گائني سرجيڪل ڪئمپ هر سال وانگرهن سال ب عورتن جي پيچيده بيمارين لاء فري گائني سرجيڪل ڪئمپ حسام مسعود ميڊيڪل سينٽر تي ٿي گذري ڪئمپ جي اونر سماجي خدمتن ۾ سدائين اڳڀري رهندڙ ڊاڪٽر تسليم مسعود احمد سهتو ٻدايو ت 50 پنجاه غريب عورتن جا آپريشن ڪيا ويا ۽ ٽي ڏينهن عورتن کي سينٽر تي رهايو ويو ٽئين ڏينهن مريضن کي لڳندڙ سيون ٿيلهيون ۽ ٻيون دوائون ب مفت ڏنيون آهن هر مريض جي آپريشن جو خرچ تقريبن چاليھ کان پنجاھ ھزار خرچ ايندو آهي پر هتي مفت ۾ ڪيو ويو آهي هن ڪئمپ ۾ مشهور پروفيسر ڊاڪٽر شير شاه ۽ ان جي ٽيم ڪراچي مان آئي پروفيسر ڊاڪٽر سيد افتخار شاه لنڊن مان آيو ڊاڪٽر ثانيا ۽ ڊاڪٽر سڌراه آپريشن ڪيا ۽هن سينٽر جي اسٽاف ڊاڪٽر زاهد علي چانڊيو ڊاڪٽر قربان علي سهتو ڊاڪٽر اسماعيل کوسو ۽ٻين ب والنٽير طور خدمتون سر انجام ڏنيو جڏهن سماجي اڳواڻن ذولفقار احمد سهتو ارشاد احمد سهتو پروفيسر عبدالستار ابڙو استاد رفيق احمد مهيسر آصف احمد اڄڻ آدم خان چنڙ ۽ ٻين کي سينٽر تي اچڻ تي پروفيسر شير شاه پنهنجو لکيل ڪتاب گفٽ ڪيو

Read Previous

پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت 240 رپيا هجڻ گهرجي: شوڪت ترين

Read Next

ن ليگ ۽ پ پ پرويز الاهي کي پنجاب جي وڏ وزارت ڏيڻ تي راضي

Most Popular