بلاول ”ڪانپين ٽانگ رهي هين“ تي تنقيد ڪندڙ وزيراعظم کي آئينو ڏيکاري ڇڏيو

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ”ڪانپين ٽانگ رهي هين“ تي تنقيد ڪندڙ وزيراعظم جي اردو جي ٽرولنگ ڪري ڇڏي.

بلاول ڀٽو زرداري ٽوئيٽر تي وزيراعظم جي مختلف بيانن تي ٻڌل مزاحيا ويڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ هو اردو ڳالهائيندي مُنجهي رهيو آهي.

پ پ چيئرمين پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٽوڪ ڪندر لکيو ته ”وزيراعظم مون کي اردو سيکاري رهيو آهي“.

بلاول ڀٽو زرداري طرفان جاري ڪيل وڊيو جي شروعات وزيراعظم جي ان بيان کان ٿئي ٿي، جنهن ۾ هو ”ڪانپين ٽانگ رهي هين“ چوڻ تي پ پ چيئرمين تي تنقيد ڪري رهيو آهي.

عمران خان پنهنجي تقرير ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي صلاح ڏني هئي ته هو پنهنجي پٽ کي اردو ته سيکاري.

Read Previous

”وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ 27 مارچ کانپوءِ ٿيندي“

Read Next

بي اعتمادي رٿ: ن ليگ جو ترين گروپ سان رابطو

Most Popular