بي اعتمادي رٿ: ن ليگ جو ترين گروپ سان رابطو

ترين گروپ جي اڳواڻ عون چوڌري ن ليگ سان رابطي جي تصديق ڪري ڇڏي.

اپوزيشن طرفان بي اعتمادي رٿ جي اعلان کانپوءِ ملڪ ۾ سياسي ماحول گرم نظر اچي رهيو آهي، جتي حڪومت پنهنجي اتحادين کي پرچائڻ ۽ خدشا ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، اتي ئي وري اپوزيشن جماعتن حڪومتي اتحادي جماعتن ۽ ڪاوڙيل ميمبرن سان رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن.

ذريعن موجب سياسي منظر نامي تي وڏي اڳڀرائي سامهون آئي آهي، اڄ وفاقي وزير اعجاز شاهه چوڌري ڀائرن سان ملاقات ڪئي ته ٻئي پاسي ن ليگ قيادت به ترين گروپ سان رابطو ڪيو آهي ۽ ترين گروپ جي اڳواڻ عون چوڌري به حمزا شهباز سان رابطي جي تصديق ڪئي آهي.

ذريعن موجب ن ليگ اڳواڻ حمزا شهباز اڄ ترين گروپ جي ميمبرن سان ملاقات ڪندو ۽ بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان انهن کان سهڪار گهرندو، جڏهن ته ٻنهي پاسن جي قيادت گڏيل حڪمت عملي طئي ڪندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته جهانگير ترين هن وقت لنڊن ۾ علاج هيٺ آهي ۽ هن پنهنجي گروپ ميمبرن سان ٽيلي فونڪ رابطو ڪري حمزا شهباز جي اچڻ کان اڳ گروپ کي حڪمت عملي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

Read Previous

بلاول ”ڪانپين ٽانگ رهي هين“ تي تنقيد ڪندڙ وزيراعظم کي آئينو ڏيکاري ڇڏيو

Read Next

حڪومت کي ڪو مسئلو ناهي، اسان جا نمبر پورا آهن: وزيراعظم

Most Popular