ق ليگ حڪومت سان گڏ آهي يا نه؟ پرويز الاهي واضح ڪري ڇڏيو

پنجاب اسيمبلي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي گذريل ڏينهن انٽرويو ۾ ڏنل پنهنجي بيان جي وضاحت ڪري ڇڏي.

ق ليگ اڳوان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان اتحادي آهيون ۽ الڳ جماعت آهيون، جماعتن اندر مختلف رايا هوندا آهن ۽ فيصلا گڏيل مشاورت سان ڪيا ويندا آهن.

هن چيو ته وزيراعظم ايماندار آهي ۽ ان جي نيت به سٺي آهي، اسان نه حڪومت ڇڏي آهي ۽ نه اپوزيشن کي جوائن ڪيو آهي.

سندس چوڻ هو ته حڪومت جو حصو آهيون ۽ هر ڏکئي وقت ۾ حڪومت جو ساٿ ڏنو آهي، عوامي مسئلن جي نشاندهي اڄ نه پهرئين ڏينهن کان ڪري رهيا آهيون.

پرويز الاهي چيو ته اتحادين کي اعتماد ۾ وٺي هلي ته حڪومت جو پنهنجو فائدو آهي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن هڪ انٽرويو ۾ پنجاب اسيمبلي اسپيڪر چيو هو ته اڃا تمام گهڻا سرپرائز اچڻ وارا آهن، حڪومت کي اها به خبر ناهي ته ڪير انهن سان گڏ آهي ۽ ڪير نه، هن وقت ڪو به اتحادي 100 سيڪڙو حڪومت سان گڏ ناهي.

Read Previous

”منهنجي شڪار لاءِ ڪوئا نڪتا آهن، هڪ بال سان ٽئي وڪيٽون اڏائي ڇڏيندس“

Read Next

مونس الاهي جي گرفتاري، نيب جو موقف سامهون اچي ويو

Most Popular