جاپان ۾ 7.3 شدت جو زلزلو، سونامي جي وارننگ جاري

جاپان جي اوڀر واري علائقي ۾ 7.3 شدت جو زلزلو آيو آهي، جنهن کانپوءِ سونامي جي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب زلزلو فوڪو شيما سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ محسوس ڪيو ويو، جڏهن ته زلزلي جي اونهائي سمنڊ هيٺ 60 ڪلو ميٽر هئي، جنهن سان ڪيترائي شهر ڌڏي ويا.

زلزلي جا لوڏا ٽوڪيو ۽ سائي تامه تائين محسوس ڪيا ويا، زلزلي جي ڪري هزارين گھرن جي بجلي معطل ٿي وئي ۽ ماڻهو گھرن کان ٻاهر نڪري آيا.

سامونڊي شهر فوڪوشيما ۾طاقتور زلزلي کانپوءِ سونامي جي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي.

رپورٽ موجب زلزلي جي فورن بعد نقصانن جي خبر اڃا تائين سامهون ناهي آئي.

Read Previous

آسٽريليا خلاف ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ قومي اسڪواڊن جو اعلان

Read Next

حڪومت ايم اين ايز کي ڌمڪيون ڏئي رهي آهي: طارق بشير چيما

Most Popular