ثابت ڪري ڏيکاريو ته اسان پئسا ڏئي رهيا آهيون: شهباز شريف جو وزيراعظم کي چئلينج

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف وزيراعظم عمران خان جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ ۾ ڪو پئسن جو عمل دخل آهي ته ڏوهي آهيان.

سوات ۾ عام جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو هو ته ٽي ڪوئا منهنجو شڪار ڪرڻ نڪتا آهن، اڄ سوات جي ماڻهن کي چوان ٿو آئون انهن  ٽنهي جو شڪار ڪندس، ڪجهه ماڻهو عوام جو پئسو کڻي اسان جا ايم اين ايز خريدڻ آيا آهن، سياستدانن جي ضمير جي قيمت 20-20 ڪروڙ لڳائي وئي آهي، اليڪشن ڪميشن ٻڌائي ته ان هارس ٽريڊنگ جي آئين ۾ اجازت آهي؟

هڪ انٽرويو ۾ شهباز شريف چيو ته بي اعتمادي اسان جو حق آهي، ثابت ڪري ڏيکاريو ته اسان ماڻهن کي پئسا ڏئي رهيا آهيون، جيڪڏهن بي اعتمادي رٿ ۾ ڪنهن پئسي جو عمل دخل هجي ته ڏوهي آهيان، اسان چاهيون ٿا ميمبر وڃن ۽ پرامن طريقي سان بي اعتمادي تي ووٽ ڏين، حڪومت سان وڙهائڻ لاءِ نه ميمبرن جي حفاظت لاءِ ماڻهو آڻينداسين.

هن چيو ته ن ليگ کي موقعو ملي ته قومي حڪومت بڻائڻ گھرجي، قومي حڪومت ۾ پي ٽي آءِ کانسواءِ سڀني کي شامل ڪرڻ گھرجي، قومي حڪومت کي 5 سال عوام جي خدمت ڪرڻ جو موقعو ملڻ گھرجي، بي اعتمادي کانپوءِ پارٽي جي سوچ آهي ته اليڪشن ۾ وڃڻ گھرجي، چونڊن کانپوءِ ضروري قانون سازي ڪئي وڃي.

شهباز شريف چيو ته اسان جا ميمبر پنهنجي حفاظت لاءِ ماڻهو گڏ آڻيندا، اسان کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، اسان ماڻهو گڏ نه آڻيون ته ٻيو ڇا ڪريون؟

سندس چوڻ هو ته سياست ۾ اڄ جا دوست سڀاڻي جا مخالف ٿي ويندا آهن، ڪوشش آهي ته ق ليگ، ايم ڪيو ايم، بي اي پي کي به راضي ڪري سگھون، شهزاد اڪبر ڪاغذ جمع ڪرايا، برطانيا ۾ جاچ ڪرائي، آخر ۾ ڪلين چٽ ڏني وئي، احتساب جو بيانيو ناڪام ٿيو.

Read Previous

حڪومت ايم اين ايز کي ڌمڪيون ڏئي رهي آهي: طارق بشير چيما

Read Next

3 وفاقي وزير پي ٽي آءِ ڇڏي چڪا آهن: ايم اين اي رميش ڪمار جي دعويٰ

Most Popular