3 وفاقي وزير پي ٽي آءِ ڇڏي چڪا آهن: ايم اين اي رميش ڪمار جي دعويٰ

تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر رميش ڪمار دعويٰ ڪئي آهي ته ٽي وفاقي وزير پي ٽي آءِ ڇڏي ويا آهن.

رميش ڪمار طرفان اها دعويٰ اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي، جڏهن وزيراعظم خلاف بي اعتمادي تي ووٽنگ جون تياريون جاري آهن ۽ سنڌ هائوس اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جا 24 جي لڳ ڀڳ ايم اين اي موجود آهن.

ذريعن موجب پي ٽي آءِ جو قومي اسيمبلي ميمبر رميش ڪمار به سنڌ هائوس ۾ موجود آهي.

سنڌ هائوس ۾ موجود تحريڪ انصاف ميمبرن جا نالا به سامهون اچي ويا آهن، وزيراعظم کي سنڌ هائوس ۾ موجود ايم اين ايز جي فهرست هڪ قومي اداري طرفان پيش ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب راجا رياض، نواب شير وسير، راڻا قاسم نون، غفار وٽو سنڌ هائوس ۾ موجود آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نور عالم خان، رياض مزاري، باسط بخاري، احمد حسن، نزهت پٺاڻ ۽ وجيهه اڪرم به سنڌ هائوس ۾ آهن.

ذريعن موجب ڄاڻايل ميمبرن کانسواءِ به پي ٽي آءِ جا ڪيترائي ماڻهو سنڌ هائوس ۾ موجود آهن.

Read Previous

ثابت ڪري ڏيکاريو ته اسان پئسا ڏئي رهيا آهيون: شهباز شريف جو وزيراعظم کي چئلينج

Read Next

تحريڪ انصاف جا 24 ايم اين اي سنڌ هائوس ۾ هجڻ جو انڪشاف

Most Popular