تحريڪ انصاف جا 24 ايم اين اي سنڌ هائوس ۾ هجڻ جو انڪشاف

پي ٽي آءِ جهانگير ترين گروپ جي ايم اين اي راجا رياض انڪشاف ڪيو آهي ته تحريڪ انصاف جا 24 ايم اين اي سنڌ هائوس ۾ موجود آهن.

خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي راجا رياض چيو ته پارليامينٽ لاجز ۾ اسان جي ايم اين ايز تي حملو ٿيو ۽ کين تشدد جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ ٿاڻي نيو ويو، سڄي قوم کي خبر آهي ته پارليامينٽ لاجز تي حملو ڪرايو ويو ۽ ان ئي حملي سبب اسان سنڌ هائوس آياسين، اسان 24 ايم اين ايز سنڌ هائوس ۾ موجود آهيون.

هن چيو ته اسان تحريڪ انصاف ۾ آهيون پر عمران خان سان اختلاف آهن، ضمير موجب فيصلو ڪنداسين، جيڪڏهن ڪنهن کي يقين ناهي ته اسان وٽ 24 ايم اين ايز آهن ته حڪومت کي چئلينج ٿو ڪيان ته پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس گهرائي ۽ ڏسي ته ڪير ڪنهن کي ٿو ووٽ ڏئي، عمران خان کي چوان ٿو ته مديني جي رياست ۾ ڪنهن تي ڪوڙا الزام ناهن هنيا ويندا، اسان ڪنهن کان پئسا وٺي فيصلو ڪرڻ جا پابند ناهيون، توهان ڏسندئو ته توهان سان اهي ئي ڪجهه ماڻهو رهجي ويندا، جن کي ڪير به پارٽي ۾ کڻڻ قبول نه ڪندو.

تحريڪ انصاف جو ايم اين اي نور عالم به سنڌ هائوس ۾ موجود آهي، جنهن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان جي 20 ڪروڙ رپين واري ڳالهه سان افسوس ٿيو، مان ٽن سالن کان ڪرپشن خلاف آواز اٿاري رهيو آهيان، بنا ڪنهن دٻاءَ جي سنڌ هائوس آيو آهيان.

Read Previous

3 وفاقي وزير پي ٽي آءِ ڇڏي چڪا آهن: ايم اين اي رميش ڪمار جي دعويٰ

Read Next

گرمين ۾ ڪهڙي قسم جي اي سي هلائجي؟

Most Popular