پاڪ – آسٽريليا وائيٽ بال سيريز راولپنڊي ۾ نه ٿيندي

اسلام آباد جي موجوده صورتحال کي ڏسندي پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ وائيٽ بال سيريز جي راولپنڊي مان لاهور منتقلي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ حڪومتي ادارن طرفان ايڊوائس اچڻ کانپوءِ وائيٽ بال سيريز لاهور منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪرڪيٽ آسٽريليا وائيٽ بال سيريز جي منتقلي تي خدشن جو اظهار ناهي ڪيو ۽ ان کي موجوده حالتن ۾ سيريز لاهور منتقل ڪرڻ تي ڪو اعتراض ناهي.

ذريعن موجب ڪرڪيٽ آسٽريليا جي خواهش تي ئي اڳ ۾ وائيٽ بال سيريز لاهور مان راولپنڊي منتقل ڪئي وئي هئي.

هوڏانهن وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد به وائيٽ بال سيريز لاهور منتقل ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته سموريون ميچون راولپنڊي کان لاهور شفٽ ڪيون ويون آهن، جنهن کانپوءِ پاڪستان ۽ آسٽريليا جون مختصر فارميٽ واريون سڀ ميچون لاهور ۾ ٿينديون.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ 3 ون ڊي ميچون ۽ هڪ ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏي ويندي.

Read Previous

حڪومت کي اهم ثبوت هٿ اچي ويا، شيخ رشيد جو وڏو اعلان

Read Next

حڪومت جو باغي ميمبرن خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان

Most Popular