حڪومت کي اهم ثبوت هٿ اچي ويا، شيخ رشيد جو وڏو اعلان

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته اسان وٽ ثبوت آهن ته خريد ۽ وڪرو هلي رهيو آهي، ثبوت سامهون آڻڻ ۽ گورنر راڄ بابت سڀاڻي گڏجاڻي ٿيندي، گڏجاڻي کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪنداسين.

نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شيخ رشيد جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ چار ڀيرا گورنر راڄ لڳي چڪو آهي، ان تي سڀاڻي گڏجاڻي ڪنداسين.

هن چيو ته اسان سنڌ هائوس ۾ نٿا وڃڻ چاهيون، هتي 400 ماڻهو آهن.

شيخ رشيد چيو ته بي اعتمادي هنن جو حق آهي پر پوليس آڻڻ، ايم اين ايز کي پنهنجي تحويل ۾ رکڻ، اها جمهوريت خلاف سازش آهي، هي سڄي حياتي پڇتائيندا، ائين نه ٿئي جو ٻهارو اچي وڃي.

هن گهرو ويڙهه جو خدشو ظاهر ڪندي چيو ته اسان سنڌ هائوس نٿا وڃڻ چاهيون.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته مان چوان ٿو ته جيڪو عمران خان کي ووٽ ڏيڻ ويندو ان کي تحفظ ڏينداسين، هي اسلام آباد آهي، بنانا اسٽيٽ ناهي، ميچ آخري اوور تائين هلندي.

شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته اسان وٽ ثبوت آهن ته خريداري ۽ وڪرو هلي رهيو آهي، ثبوت سامهون آڻڻ بابت سڀاڻي فيصلو ڪنداسين.

هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت سندس ڳالهه مڃي ها ته ان جو فائدو ٿئي ها، هاڻي هي بليڪ ميلر ذليل ۽ خوار ٿيندا.

Read Previous

نواز شريف جي ٽڪيٽ ڪنفرم، لانگ مارچ جي قيادت ڪندو

Read Next

پاڪ – آسٽريليا وائيٽ بال سيريز راولپنڊي ۾ نه ٿيندي

Most Popular