 
									                                سنڌ هائوس اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف ڪارڪنن جي حملي کانپوءِ گورنر هائوس ڪراچي ٻاهران پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي.
ڪجهه دير اڳ پ پ سنڌ هائوس اسلام آباد تي تحريڪ انصاف ڪارڪنن جي حملي کانپوءِ پنهنجي ڪارڪنن کي گورنر هائوس ڪراچي پهچڻ جي هدايت ڪئي هئي.
گورنر هائوس ڪراچي ۾ ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کان بچڻ لاءِ پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي.
 
         
                                 
                                 
                                 
                                 
                                 
                                 
							  
							  
							 