آخري ميچ جو نتيجو ۽ سيريز کٽڻ چاهيون ٿا: بابر اعظم

بابر اعظم

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته هوم گرائونڊ تي پهريون ڀيرو ٽيسٽ ميچ کيڏڻ جو الڳ احساس هوندو آهي، جنهن ۾ لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهان.

لاهور ۾ آسٽريليا خلاف ٽين ٽيسٽ ميچ کان اڳ آن لائن پريس ڪانفرنس ڪندي بابر اعظم چيو ته هوم گرائونڊ ۽ هوم ڪرائوڊ سامهون پنهنجو بهترين ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس، ڇو ته مان پهريون ڀيرو لاهور ۾ ٽيسٽ ميچ کيڏي رهيو آهيان.

هن چيو ته مان محمد رضوان جي مدد لاءِ بالنگ ڪندو آهيان ۽ اسان هڪٻئي جي مدد جي ڪوشش ڪندا آهيون، جڏهن ته اظهر علي جون پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ وڏيون خدمتون آهن، هو سدائين سٺو کيڏندو آهي، هڪ ميچ جي پرفارمنس جي بنياد تي ڪنهن کي ٻاهر نٿو ويهاري سگهجي، پراعتماد ٿي ميدان ۾ وينداسين ۽ ڪوشش هوندي ته ميچ کٽيون.

سندس چوڻ هو ته پليئنگ اليون جو فيصلو ميچ کان اڳ پچ ڏسي ٿيندو ۽ سيريز کٽڻ اسان لاءِ تمام ضروري آهي، اسان جو مائينڊ سيٽ به اهو ئي آهي ته ميچ ۽ سيريز کٽيون، جنهن سان اعتماد وڌندو، اسان لاهور ٽيسٽ جو نتيجو چاهيون ٿا، سڄي ٽيم پهريون ڀيرو لاهور ۾ ٽيسٽ کيڏڻ لاءِ پرجوش آهي، چاهيون ٿا ته لاهور ۾ ڪاميابي ماڻيون ۽ ان لاءِ سخت محنت ڪئي آهي.

Read Previous

ڪينيڊا: مسجد ۾ جوابدار جو ڪهاڙي سان حملو، ڪيترائي زخمي

Read Next

عدالت جو ٽيلي گرام بند ڪرڻ جو حڪم

Most Popular