عدالت جو ٽيلي گرام بند ڪرڻ جو حڪم

برازيل جي سپريم ڪورٽ ملڪ ۾ ميسيجنگ ايپليڪيشن ٽيلي گرام کي بند ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا

عدالت اهي حڪم قانونن کي نظرانداز ڪرڻ ۽ برازيلين اختيارين سان سهڪار نه ڪرڻ تي جاري ڪيا آهن.

عدالت ايپل، گوگل ۽ ٻين برازيلين ڪمپنين کي پنجن ڏينهن ۾ پنهنجي پليٽ فارم تي ٽيلي گرام کي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب عدالت طرفان اهو فيصلو اهڙي وقت ۾ ڪيو ويو آهي، جڏهن ملڪ ۾ آڪٽوبر ۾ صدر جي چونڊ ٿيندي، جڏهن ته برازيلين صدر جي ٽيلي گرام اڪائونٽ تي هڪ ملين فالوورز آهن، جن سان هو ان کي چونڊ مهم ۾ استعمال ڪري سگهندو.

پرڏيهي ميڊيا موجب برازيلين صدر جا حامي واٽس ايپ جي پاليسي تبديل ٿيڻ کانپوءِ وڏي انگ ۾ ٽيلي گرام تي منتقل ٿي ويا هئا.

عدالت چيو ته ٽيلي گرام پنهنجي مخالف ڪمپنين جيان ملڪ ۾ ڪنهن قانوني نمائندي جي مقرري ۾ به ناڪام ٿي آهي.

Read Previous

آخري ميچ جو نتيجو ۽ سيريز کٽڻ چاهيون ٿا: بابر اعظم

Read Next

پنوعاقل سانگي لڳ قلندر جي پانڌيئڙن سان ڀريل ڪوچ سان حادثو،ڪيترائي ماڻھو زخمي

Most Popular