مسلمانن کي دهشتگردي سان جوڙيو ويو، مذهب جو دهشتگردي سان واسطو ناهي، اسلامو فوبيا هڪ حقيقت آهي: وزيراعظم عمران خان جو او آءِ سي اجلاس کي خطاب

PRIME MINISTER IMRAN KHAN ADDRESSING AT THE INAUGURAL SESSION OF 48TH OIC FOREIGN MINISTERS’ CONFERENCE IN ISLAMABAD ON MARCH 22, 2022.

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان فلسطينين ۽ ڪشميرين کي مايوس ڪيو، اهو چوندي افسوس ٿي رهيو آهي ته اسان ڪو اثر قائم نه ڪري سگهياسين.

پارليامينٽ هائوس ۾ اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزير جو اجلاس شروع ٿي ويو، جنهن ۾ 57 ملڪن جا پرڏيهي وزير، مبصر ۽ مهمان شريڪ آهن.

او آءِ سي ڪائونسل اجلاس سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته مسلمان ڏيڍ ارب آهن پر انهن کي اهميت نه پئي ڏني وڃي، سڀني مسلمان ملڪن جي پنهنجي پنهنجي پرڏيهي پاليسي آهي.

هن چيو ته مسلمانن کي دهشتگردي سان جوڙيو ويو، مذهب جو دهشتگردي سان واسطو ناهي، اسلامو فوبيا هڪ حقيقت آهي، اسان کي پنهنجو بيانيو اڳتي وڌائڻو پوندو، نائن اليون کانپوءِ اسلامو فوبيا جي سوچ ۾ واڌ ٿي، اسلامو فوبيا خلاف گڏيل قومن ۾ تاريخي ٺهراءَ منظور ٿيا.

سندس چوڻ هو ته افغانستان ۾ انساني بحران آهي، اتان جا ماڻهو پسند نٿا ڪن ته ڪير کين ڊڪٽيٽ ڪري، 40 سال ٿي ويا آهن ڪا قوم افغانستان جيان متاثر نه ٿي.

وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ڀارت ڪشمير ۾ ٻاهريان ماڻهو آڻي مسلمانن کي اقليت بڻائي رهيو آهي، ڀارت غير قانوني طور ڪشمير جو خاص اسٽيٽس ختم ڪيو.

عمران خان موجب اسان کي اهو اعتراف ڪرڻو پوندو ته اسان فلسطينين ۽ ڪشميرين کي مايوس ڪيو، مون کي اهو چوندي افسوس ٿي رهيو آهي ته ان حوالي سان اسان ڪو اثر قائم نه ڪري سگهياسين، اسان کي سنجيده ناهي ورتو ويندو، ڏيڍ ارب مسلم آبادي هجڻ باوجود اسان ان ظلم کي روڪڻ ۾ ناڪام رهيا آهيون.

پنهنجي خطاب دوران هن روس يوڪرين جنگبندي لاءِ او آءِ سي ۽ چين جي گڏيل ڪوششن جي تجويز ڏني ۽ اسلامي ملڪن کي غير جابندار رهڻ جو مشورو ڏنو.

سندس چوڻ هو ته اسلامي ملڪ ڪنهن بلاڪ ۾ وڃڻ يا جنگ جو حصو بڻجڻ بدران متحد رهن.

Read Previous

ڪنڌڪوٽ هي ڪوئي نساسڪ ،بلديات ، يا سفيد پوشاڪ ٽائون ڪميٽي جو ملازم نه پر سنڌ پوليس جو ملازم آھي

Read Next

آصف زرداري ايم ڪيو ايم کي ملاقات لاءِ گهرائي ورتو، مطالبا مڃڻ جي خاطري

Most Popular