آصف زرداري ايم ڪيو ايم کي ملاقات لاءِ گهرائي ورتو، مطالبا مڃڻ جي خاطري

پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي سربراهه خالد مقبول صديقي کي مطالبن جي منظوري جو گرين سگنل ڏئي ڇڏيو.

ذريعن موجب آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جو خالد مقبول صديقي سان ٽيليفونڪ رابطو ٿيو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف زرداري، خالد مقبول صديقي کان پڇيو ته بي اعتمادي جي رٿ بابت توهان ڪهڙو فيصلو ڪيو؟ مان توهان کي چيو ته سڌي ريت مون سان يا بلاول سان رابطي ۾ رهو، خالد مقبول صديقي چيو ته ها بلڪل، رابطو رهندو.

آصف زرداري خالد مقبول صديقي کي چيو ته اسلام آباد اچو، ملاقات ٿا ڪيون، جيڪو طئي ٿيندو، ان تي عمل ڪنداسين.

ذريعن موجب آصف زرداري چيو ته مان ۽ بلاول توهان سان سڌي ريت رابطي ۾ رهنداسين ۽ معاملن جي پاڻ نگراني ڪنداسين.

ايم ڪيو ايم سربراهه ملاقات جي دعوت تي چيو ته سڀاڻي اسلام آباد پهچنداسين.

Read Previous

مسلمانن کي دهشتگردي سان جوڙيو ويو، مذهب جو دهشتگردي سان واسطو ناهي، اسلامو فوبيا هڪ حقيقت آهي: وزيراعظم عمران خان جو او آءِ سي اجلاس کي خطاب

Read Next

آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ صدارتي ريفرنس تي سپريم ڪورٽ لارجر بينچ جوڙي ڇڏي

Most Popular