پاڪستان کي پائپ لائن ذريعي گئس جي فراهمي ممڪن آهي: پيوٽن جي شهباز شريف سان ڳالهه ٻولهه

وزيراعظم شهباز شريف جي ازبڪستان جي شهر سمرقند ۾ روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

سمرقند ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف جي روسي صدر پيوٽن سان سائيڊ لائن ملاقات ٿي.

ان دوران روسي صدر چيو ته روس کان پاڪستان کي پائپ لائن ذريعي گئس جي فراهمي ممڪن آهي، روس کان پاڪستان تائين گئس پائپ لائن اڳ کان موجود انفرا اسٽرڪچر جو حصو آهي.

واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اڄ ئي سمرقند پهتو آهي.

اجلاس ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سميت مختلف ملڪن جا سربراهه شرڪت ڪري رهيا آهن.

Read Previous

Exactly what is a Sugar Blend?

Read Next

فيس بوڪ جو به ٻوڏ متاثرن کي ڪروڙين رپيا امداد ڏيڻ جو اعلان

Most Popular