فيس بوڪ جو به ٻوڏ متاثرن کي ڪروڙين رپيا امداد ڏيڻ جو اعلان

سوشل ميڊيا ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپني ميٽا مطلب ته فيس بوڪ جي مالڪ ڪمپني طرفان پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ساڍا ٻارنهن ڪروڙ رپيا رقم جي امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

فيس بوڪ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪمپني پاڪستاني ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ اعلانيل رقم کي عالمي اداري يونيسيف، فلاحي تنظيم هينڊز ۽ پاڪستان جي تعليم ۽ آگاهي واري اداري آءِ ٽي اي کي ڏيندو.

بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ميٽا طرفان اعلانيل رقم کي سنڌ، پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ ٻارن کي اسڪول موڪلڻ سميت هنگامي بنيادن تي امداد فراهم ڪرڻ آهي، کاڌ خوراڪ ۽ پاڻي سميت پاڻي جي نيڪالي لاءِ به امداد استعمال ڪري سگهجي ٿي.

اهڙي پڌرائي کان اڳ فيس بوڪ تي واهپيدارن جي لاءِ ٻوڏ کان حفاظت جي لاءِ چيڪ به فعال ڪيو ويو هو، جنهن ۾ ماڻهن کي اهو موقعو ڏنو ويو هو ته اهي پنهنجي پاڙيسرن ۽ دوستن آگاهه ڪن ته اهي ٻوڏ کان محفوظ آهن.

Read Previous

پاڪستان کي پائپ لائن ذريعي گئس جي فراهمي ممڪن آهي: پيوٽن جي شهباز شريف سان ڳالهه ٻولهه

Read Next

تيل اگهن ۾ تبديلي بابت نئين خبر اچي وئي

Most Popular