عمري جي پانڌيئڙن لاءِ تيز رفتار ٽرين سروس

عمري جي پانڌيئڙن لاءِ تيز رفتار ٽرين سروس متعارف ڪرائي وئي آهي

سعودي عرب ۾ مڪي ۽ مديني وچ ۾ تيز رفتار ٽرين سروس سبب پانڌيئڙن لاءِ ٻنهي شهرن ۾ اچڻ وڃڻ سولو ٿي ويو آهي، جڏهن ته ٻنهي شهرن جو فاصلو ٻه ڪلاڪ ويهه منٽ رهجي ويو آهي

پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب ٽي سو ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلندڙ ”حرمين ايڪسپريس“ ملڪ جي ٽرانسپورٽ واري نظام جو اهم حصو آهي

ان ٽرين ۾ چار سو کان وڌيڪ بزنس ۽ اڪانومي ڪلاس جي پانڌيئڙن جي جاءِ آهي جڏهن ته ڪرائو چاليهه کان ڏيڍ سو ريال تائين آهي

حرمين ايڪسپريس جي جدا ۽ ڪنڪ عبدالله اڪنامڪ سٽي ۾ به اسٽاپ آهن

ملڪ جي حج ۽ عمري واري کاتي پاران ويزا اسڪيم تحت هن وقت پوري دنيا جا پانڌيئڙا عمري لاءِ سعودي عرب ۾ موجود آهن

عمري جي پانڌيئڙن کي مشڪلات کان بچائڻ لاءِ مذهبي ۽ ثقافتي ماحول فراهم ڪرڻ هن وقت سعودي عرب جي وزن ٻه هزار ٽيهه جو اهم حصو آهي

Read Previous

بابر اعظم ڳاله ئي ناهي مڃيندو: ڪوچ جو انڪشاف

Read Next

ڏکڻ ڪوريا مارجي ويل فوجين جا وڌيڪ ڍانچا چين حوالي ڪري ڇڏيا

Most Popular