ڏکڻ ڪوريا مارجي ويل فوجين جا وڌيڪ ڍانچا چين حوالي ڪري ڇڏيا

ڏکڻ ڪوريا ستر سال اڳ مارجي ويل چيني فوجين جي ڍانچا چين حوالي ڪري ڇڏيا.

چين جو فوجي جهاز ڏکڻ ڪوريا جي انجيون انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لٿو.

ڏکڻ ڪوريا جي نوَ فوجي اهلڪارن نوَ ڪاٺ جا دٻا چيني اهلڪارن حوالي ڪيا.

انهن دٻن ۾ ستر سال اڳ ڪورين جنگ دوران مرندڙ چيني فوجين جا هڏا هئا جن کي وٺڻ جي لاءِ سيئول ۾ مقرر چيني سفر پاڻ به موجود هو.

ٿيندڙ تقريب ۾ اٺاسي فوجين جا هڏا چين جي حوالي ڪيا ويا.

انکان اڳ ڏکڻ ڪوريا ٻه هزار چوڏهن کان ٻه هزار ايڪويهه تائين اٺ سئو پنجويهه چيني اهلڪارن جا هڏا واپس ڪري چڪو آهي.

واضح رهي ته اڻويهه سئو پنجاهه ۾ بيجنگ ڪورين علائقي ۾ اڍائي لک فوجي موڪليا هئا ته جيئن ان وقت جي اتحادي اتر ڪوريا کي جنگ ۾ مدد ڪئي وڃي.

اتر ڪوريا خلاف ڏکڻ ڪوريا، آمريڪا ۽ ٻيا ملڪ مهاڏو اٽڪائي بيٺل هئا.

Read Previous

عمري جي پانڌيئڙن لاءِ تيز رفتار ٽرين سروس

Read Next

شاهين آفريدي پنهنجا خرچ پاڻ ڀريا: پي سي بي مڃي ورتو

Most Popular