عورتاڻي زندگي سُٺي ناهي؟ ناليواري اداڪارا مرد ٿيڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

شوبز انڊسٽري اهڙو شعبو آهي جنهن سان سلهاڙيل ماڻهن جون ننڍيون ننڍيون خبرون به انهن جي مداحن ۽ عوام جي لاءِ وڏي اهميت رکنديون آهن ۽ اڄڪلهه جي ٽيڪنالاجي واري دور ۾ سوشل ميڊيا تي شوبز اداڪارن توڙي اداڪارائن جا بيان تڪڙا بحث هيٺ اچي ويندا آهن.

اهڙي ئي حوالي سان اداڪارا زارا انور عباس شوبز جي ناليواري اداڪارا صبا قمر کي پسند ڪرڻ جو اظهار ڪندي ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي.

تازو ئي زارا انور عباس خانگي ٽي وي جي هڪ پروگرام جي مهمان بڻي جنهن ۾ هن پنهنجي زندگي سميت ڪيريئر جي حوالي سان تمام دلچسپ ڳالهيون ڪيون.

زارا کان سوال ڪيو ويو ته توهان جو مڙس اسد صديقي ۽ توهان ٻئي اداڪار آهيو ته ڇا ڪڏهن ڪنهن پراجيڪٽ جي حوالي سان توهان ٻنهي ۾ اختلاف پيدا ٿيا؟

جواب ۾ اداڪارا چيو ته ها بلڪل! ڪجهه ڏينهن اڳ اسد صبا قمر سان گڏ ڪم ڪري رهيوهو ته مان ساڻس جهيڙو ڪرڻ لڳس ڇو ته مونکي صبا سان گڏ ڪم ڪرڻو هو.

زارا چيو ته جيڪڏهن زارا سان گڏ ڪم ڪرڻو هجي ته ان جي لاءِ مان مرد به بڻجي سگهان ٿي.

واضح رهي ته اداڪارا زارا انور ان کان اڳ به سوشل ميڊيا پوسٽس ذريعي ڪيترائي ڀيرا صبا قمر کي بي انتها پسند ڪرڻ جو اظهار ڪري چڪي آهي.

Read Previous

ايران به هزارين افغانين کي ملڪ نيڪالي ڏئي ڇڏي

Read Next

اداڪارا ريشم پنهنجي غلطي مڃي ورتي

Most Popular