ايران به هزارين افغانين کي ملڪ نيڪالي ڏئي ڇڏي

افغانستان جي پناهگيرن ۽ وطن واپسي جي وزارت ( ايم او آر آر )  چيو آهي ته گذريل مهيني پنجاهه هزار کان وڌيڪ افغان پناهگيرن کي ايران مان ملڪ نيڪالي ڏني وئي آهي.

افغان اختيارين موجب افغان پناهگيرن جي واپسي وارن معاملن جي وقتي وزير  ۽ ايراني سفير بهادر امينيان افغان پناهيگرين جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

ايم آو آر آر جي وقت اهلڪار باسط انصاري چيو ته افغانستان مان پناهگيرن وارن معاملن جي وزير ان اجلاس ۾ موجود هو، ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته پاڙيسڙي ملڪن، خاص طور ايران، افغانستان واپس ايندڙ افغانين لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب پناهگيرن جي حقن جا ڪجهه حامي ايران ۾ افغان مهاجرن جي صورتحال، خاص طور تي سندن ملڪ نيڪالي تي ڳڻتي جو اظهار ڪري رهيا آهن.

ڪابل ۾ ايران جي سفير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته روزاني اٽڪل ٽي هزار افغان غيرقانوني طور ايران ۾ داخل ٿي رهيا آهن ۽ ايڏي ئي انگ ۾ ويزا ۽ قانوني دستاويز سان ايران جو سفر ڪري رهيا آهن.

Read Previous

شاهين آفريدي پنهنجا خرچ پاڻ ڀريا: پي سي بي مڃي ورتو

Read Next

عورتاڻي زندگي سُٺي ناهي؟ ناليواري اداڪارا مرد ٿيڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

Most Popular