اشنا شاهه جي حدون پار ڪندڙ مردن کي قيمتي صلاح

اداڪارا اشنا مردن کي صلاح ڏني آهي ته جيڪڏهن توهان جي عورت دوست توهان جي اڻوڻندڙ قسم جي ڪمينٽس تي ڪنهن به قسم جو رد عمل نٿي ڏئي ته ان جو مطلب آهي ته هوءَ نظر انداز ٿي ڪري جيئن توهان جي دوستي خراب نه ٿئي يا دوستي کي نقصان نه پهچي

هن چيو ته عقل مند کي اشارو ڪافي آهي، ان اشاري کي سمجهي عقلمند ۽ بهترين سوچ جو ثبوت ڏيڻ گهرجي ۽ وڌيڪ کين تنگ نه ڪيو وڃي.

ڪجهه عورت واهپيدارن اشنا شاهه جي پوسٽ جي کليل حمايت ڪئي آهي، جڏهن ته ڪجهه مردن پاران ان ٽوئيٽ جي سخت مخالفت ڪئي وئي آهي.

ان کان اڳ به اشنا شاهه اڪثر عورتن جي حقن بابت ڳالهائيندي نظر آئي آهي، گهڻو ڪري هوءَ تڪراري ٽوئيٽس سبب تنقيد جو نشانو بڻجندي رهندي آهي.

پنهنجي ٽوئيٽر پوسٽ جي ذريعي اداڪارا اشنا شاهه سمورن مردن جي نالي اهم پيغام ڏنو آهي جيڪي حد پارڪري ڇڏيندا آهن

Read Previous

اداڪارا ريشم پنهنجي غلطي مڃي ورتي

Read Next

چورن ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ ويل ٽڪ ٽاڪر جوڙي کي به نه بخشيو

Most Popular