چورن ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ ويل ٽڪ ٽاڪر جوڙي کي به نه بخشيو

پاڪستان جو مشهور ٽڪ ٽاڪر جوڙو چوڌري ذوالقرنين ۽ ڪنول آفتاب جي گهر ۾ چوري جي واردات ٿي آهي ۽ چور زيور، روڪ رقم سميت گهر جو يو پي ايس به کڻي ويا آهن.

تازو ئي چوڌري ذوالقرنين پنهنجي وي لاگ ۾ گهر جي حالت ڏيکاري جنهن ۾ پوليس سندس گهر جو جائزو وٺي رهي آهي، ٽڪ ٽاڪر جوڙي ٻڌايو ته ٻئي ڄڻا ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ خيرپور ويل هئا.

هنن ٻڌايو ته جنهن وقت گهر موٽيا آهن ته گهر ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ سامان جي اٿل پٿل ڏٺي سين، ذوالقرنين چيو ته چور ڪنول جو سڄو سون چورائي ويا آهن.

وڊيو ۾ ٽڪ ٽاڪر ٻڌائي رهيو آهي ته چور مهانگيون پرفيومز ۽ ٻيو ڪيترو ئي قيمتي سامان به کڻي ويا آهن.

ذوالقرنين ٻڌايو ته گهر واپس اچڻ تي جڏهن اسان گهٽي جي چوڪيدار کان پڇيوسين ته هو چئي ٿو رات جي وقت اهڙو ڪجهه به ناهي ٿيو هو اتي ئي هيو، جڏهن ته ڏينهن واري چوڪيدار کان پڇون ٿا ته اهو به چئي ٿو ڏينهن جو ڪجهه ناهي ٿيو، رات جو ڪجهه ٿيو هوندو.

ٽڪ ٽاڪر جوڙي پاران اهڙي شڪايت ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي آهي ۽ پوليس واردات جي جاچ ڪري رهي آهي.

Read Previous

اشنا شاهه جي حدون پار ڪندڙ مردن کي قيمتي صلاح

Read Next

نئين چپ مان انسانن جي ذهانت کان به تيز ڪم وٺي سگهبا

Most Popular