عمران خان خلاف ڪيس مان دهشتگردي جا قلم خارج ڪرڻ جو حڪم

imran khan pm

اسلام آباد  هاءِ ڪورٽ عورت جج ۽ پوليس کي ڌمڪين بابت ڪيس مان  پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان خلاف دهشتگردي جا قلم خارج ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.

اسلام آباد هاءِڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ عمران خان خلاف داخل دهشتگردي واري ڪيس ختم ڪرڻ بابت ڪيس جو فيصلو ٻڌايو.

ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل چيو ته عمران خان  ايڪشن جي ڳالهه ڪئي جيڪا قانوني ايڪشن جي ڳالهه هئي، آءِ جي پوليس ۽ ڊي آءِ جي تي پڻ ڪيس جي ڳالهه ڪئي وئي، درخواست متاثر ڌرين طرفان اچڻ گهرجي ها ته بيان سبب هو خوفزدا ٿي ويا هئا، هي ڪمپيوٽر ٽائپ درخواست هئي جنهن پٺيان ڪو ماسٽر مائنڊ آهي، دهشتگردي جو ڪيس ڊپ ۽ دهشت جي فضا پيدا ڪرڻ تي ٺهي سگهي ٿو، رڳو اهڙي فضا پيدا ڪرڻ جي امڪان تي ڪيس نٿو ٺهي سگهي، عمران خان تي ٺهيل ڪيس عالمي سطح تي ڪهڙو تاثر ڇڏيندو؟ جنهن تي چيف جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏيندي چيو ته في الحال ان معاملي تي بحث نٿا ڪريون، جيڪو ڪيس هلي رهيو آهي ان تي ڳالهايو وڃي.

عمرانخ ان جي وڪيل چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين هڪ ريلي ۾ اهڙو بيان ڏنو جنهن تي ڪيس ٺهيو، تقرير تي دهشتگردي جو ڪيس دهشتگردي ٽوڙ قانون کي مذاق بڻائڻ جهڙو آهي.

اسپيشل پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته عمران خان خلاف ڪيس سان سيڪشن 186 ڪڍي وئي آهي، جنهن تي عمران خان جي وڪيل جو چوڻ آهي ته جيڪا سيڪشن ڪڍڻ گهربي هئي  اها ختم ناهي ڪئي وئي، عدالت چالان داخل ڪرائڻ کان روڪيو هو پر پوليس چالان تيار ڪري رکيو آهي.

عدالت ٻنهي ڌرين جا نوٽيس ٻڌڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان خلاف ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم خارج ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

Read Previous

عالم سڳورا چاليھي جي موقعي تي مذهبي ھم آھنگي، رواداري ۽ ڀائيچاري جي فضا قائم رکڻ لاءِ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن – غضنفر علي قادري

Read Next

آرمي چيف جو دورو، چين پاران پاڪستان لاءِ هنگامي بنيادن تي امداد جو اعلان

Most Popular