عالم سڳورا چاليھي جي موقعي تي مذهبي ھم آھنگي، رواداري ۽ ڀائيچاري جي فضا قائم رکڻ لاءِ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن – غضنفر علي قادري

ٺٽو رپورٽ علي گوهر قمبراڻي صفائي سٿرائي ،پيئڻ جي پاڻيءَ جي سپلائي، ڊرينج، روشني ۽ سيڪورٽي جا بھتر انتظام ڪيا وڃن – ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو عالم سڳورا چاليھي جي موقعي تي مذهبي ھم آھنگي، رواداري ۽ ڀائيچاري جي فضا قائم رکڻ لاءِ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن – غضنفر علي قادري تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو غضنفر علي قادري جي صدارت ھيٺ ڪربلا جي شهيدن جي چاليھي جي موقعي تي سيڪيورٽي، صفائي سٿرائي ۽ ٻين تمام انتظامن جو جائزو وٺڻ بابت اھم گڏجاڻي ٿي – گڏجاڻي ۾ ايس ايس پي ٺٽو عديل حسين چانڊيو، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون رياض حسين لغاري ،اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر خالد نواز قريشي، رينجرز انسپيڪٽر احمد حسين، پبلڪ ھيلٿ، حيسڪو کاتن سميت ميونسپل، ٽائون ۽ ٻين واسطيدار عملدارن کان علاوه صدر مجلس وحدت المسلمین ڊاڪٽر عبدالحسين شاه، صدر عزاداري ڪونسل سيد جاويد شاه، صدر شيعه علماء ڪائونسل سيد طالب حسين شاه ۽ ٻين مختلف مڪتبه فڪر جي عالم سڳورن شرڪت ڪئي – ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر تمام مڪتب فڪر جي عالم سڳورن تي زور ڀريو ته حضرت امام حسين عليه السلام سميت ڪربلا جي تمام شھيدن جي چاليھي جي موقعي تي پاڻ ۾ مذهبي ھم آھنگي، رواداري ۽ ڀائيچاري جي فضا قائم رکڻ لاءِ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن ته جيئن منعقد ٿيندڙ مجلسون، ماتمي جلوس ۽ ٻيا مذهبي پروگرام پر امن طريقي سان پڄاڻي تي پهچي سگھن – ڊپٽي ڪمشنر مذهبي جماعتن جي اڳواڻن سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته ٺٽو ضلعو ھميشہ پرامن رھيو آھي، پوليس پاران سيڪورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا آهن، ان کان علاوه رينجرز جا جوان پڻ پوليس سان گڏ سيڪورٽي ۽ امن و امان جي بحاليءَ لاءِ پنھنجا فرائض انجام ڏيندا – ھن پبلڪ ھيلٿ، ميونسپل ڪميٽي ٺٽو ۽ تمام ٽائون عملدارن کي ھدايت ڏيندي چيو ته چاليھي جي موقعي تي شھرن ۾ صفائي سٿرائي، پيئڻ جي پاڻيءَ جي سپلائي، ڊرينج ۽ روشنيءَ جا جوڳا بندوبست ڪيا وڃن – ڊپٽي ڪمشنر صحت کاتي جي عملدارن کي ھدايت ڪئي ته چاليھي جي موقعي تي برآمد ٿيندڙ ماتمي جلوسن جي روٽس تي ميڊيڪل ڪيمپن جي قيام سميت ايمبولينس جي موجودگي کي پڻ يقيني بڻايو وڃي – ھن حيسڪو عملدارن کي ھدايت ڪئي ته چاليھي جي موقعي تي خاص طور رات جي وقت لوڊ شيڊنگ کان پاسو ڪيو وڃي ۽ جلوسن جي گذرگاهن تي بجليءَ جي تارن کي مٿي ڪيو وڃي – ان موقعي تي ايس ايس پي ٺٽو عديل حسين چانڊيو ٻڌايو ته چاليھي جي موقعي تي پوري ضلعي ۾ ماتمي جلوسن جي سيڪورٽي لاءِ ڪانٽيجينسي پلان تحت فول پروف انتظام ڪيا ويا آهن – ان کان اڳ گڏجاڻي کي تمام واسطيدار عملدارن پنهنجي پنهنجي کاتي پاران انتظامن بابت تفصيلي آگاهي پڻ ڏني –

Read Previous

خيرپور جي يوسي مهر علي جي سماجي اڳواڻ عبدالصبور ڦلپوٽو کي حق سچ لکڻ تي بااثرن پاران موت مار ڌمڪيون ملڻ خلاف احتجاجي مظاهر

Read Next

عمران خان خلاف ڪيس مان دهشتگردي جا قلم خارج ڪرڻ جو حڪم

Most Popular