پاڪستان کي ڪيئن هارائجي؟ لاهور قلندرز جي بيٽر ٻڌائي ڇڏيو

انگلينڊ جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر فل سالٽ پاڪستاني ٽيم کي هڪ ٽف ٽيم قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

پاڪستان سپر ليگ ۾ لاهور قلندرز جي نمائندگي ڪندڙ فل سالٽ چيو ته اها خبر آهي ته هتان جون پچز ڪيئن هونديون ۽ ڪهڙو بالر ڪارائتو ثابت ٿيندو.

هن چيو ته پي ايس ايل کيڏي هٿان جي صورتحال جو گهڻي حد تائين پتو پئجي چڪو آهي، ليگز کيڏي جيڪا ڄاڻ ملندي آهي اها ٽيم کي دورن دوران ڪم ايندي آهي، اسان جا ڪيئي رانديگر پي ايس ايل کيڏي چڪا آهن جنهن جو اسان کي ضرور فائدو ٿيندو.

فل سالٽ چيو ته پاڪستان جون وڪيٽون ننڍي کنڊ جي وڪيٽن کان گهڻو مختلف آهن، هتي بائونس ناهي پر بال تيز ايندو آهي.

هن چيو ته عالمي ڪپ کان اڳ پاڪستان خلاف سيريز اسان لاءِ تمام گهڻي اهم آهي، پاڪستان کي دٻاءُ هيٺ آڻي بهتر اسٽارٽ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ٽيم طور پاڪستان جو تمام گهڻو احترام ڪندا آهيون جيڪا هڪ مضبوط ٽيم آهي.

انگلش وڪيٽ ڪيپر چيو ته پاڪستان کي گهر ۾ هارائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، جيڪڏهن هتي ڪاميابي حاصل ڪرڻي آهي ته اسان کي بهترين راند کيڏڻي پوندي.

Read Previous

دنيا جي پڄاڻي ڪڏهن ٿيندي؟ قديم زماني جو ڳجهو راز ظاهر

Read Next

ڪراچي واسڻ معذور ناري نسيم شاهه جي فين، ملاقات جي خواهشمند

Most Popular