دنيا جي ڏهه ملڪن ۾ هلندڙ تيز ترين ٽرينز جا انوکا روٽ

ڪچي ٻارڻ جي قيمتن ۾واڌ سان گڏوگڏ سڄي دنيا ۾ هوائي سفر جي اگهن ۾ پڻ اضافو ٿي رهيو آهي. موسمياتي تبديلين جي حوالي سان پڻ جهازن جي ڪردار تي اڪثر سوال اُٿاريا ويندا آهن پر انهن جو متبادل نه هئڻ سبب نه چاهيندي به ڪيئي ماڻهو جهازن جو سفر ڪرڻ تي مجبور هوندا آهن.

پاڪستان ۾ ته في الحال تيز رفتار ٽرينز ڪنهن خواب کان گهٽ محسوس ناهن ٿينديون پر دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ان ڏس ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو ويو آهي

150 کان 250 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر ڪرڻ وارين ٽرينون جهازن جو پرڪشش متبادل بڻجي سامهون آيون آهن.

خاص ڳالهه اها آهي ته ٽرينون جو ڀاڙو جهازن جي ڀيٽ ۾ گهٽ هوندو آهي، جنهن ۾ وڌيڪ انگ ۾ ماڻهو سفر ڪري سگهن ٿا.

يورپ ۽ ايشيا ۾ اهڙي قسم جي تيز رفتار ٽرينن تي گذريل ڏهاڪن دوران اربين ڊالر خرچ ڪيا ويا آهن، خاص طور چين ان حوالي سان سڀ کان وڌيڪ نمايان آهي، جنهن ملڪ ۾ اٽڪل هر حصي ۾ ٽرينن جي پهچ کي ممڪن بڻائي ڇڏيو آهي.

ان کاسواءِ جرمني، اسپين، ڪوريا ۽ ٻين ملڪن به ان حوالي سان گهڻو ڪم ڪيو آهي.

دنيا جي تيز ترين ٽرين شنگهائي ماگليو ۾ آهي جيڪا منفرد هجڻ سان گڏ روايتي ٽريڪ بجاءِ مقناطيس جو استعال ڪري هلنديون آهن.

اها ٽرين شهر کي ايئرپورٽ سان ملائيندي آهي جنهن جي رفتار وڌ کان وڌ 286 ميل في ڪلاڪ هوندي آهي

ٽيهه ڪلاڪن جو هي سفر رڳو 7 منٽن ۾ ٿيندو آهي.

سي آر 400 فيوڪسبگ به چين ۾ تيز ترين هلندڙ ٽرينن مان هڪ آهي جيڪا 217 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان هلندي آهي.ان ٽرين ۾ ٻارنهن سو مسافر سفر ڪري سگهن ٿا.

ان ۾ سفر جي دوران سمارٽ گلاس ڊسپلي، وائرليس ڊيوائس چارجنگ ۽ سمارٽ ڪيبن جهڙيون سهولتون مسافرن لاءِ دستياب هونديون آهن

اها ٽرين شديد موسمياتي حالتن کي به منهن ڏئي سگهي ٿي جڏهن ته آٽوميڪنٽ هلڻ جي خوبي پڻ رکي ٿي.

آئس ٿي جرمني ۾ هلندڙ تيز ترين ٽرين آهي ان جي رفتار 205 ميل في ڪلاڪ آهي.

1999 کان اها ٽرين هلندڙ آهي، پهريان جن ٻن شهرن جو فاصلو اڍائي ڪلاڪن ۾ طي ٿيندو هو اهو هاڻي رڳو ٻاهٺ منٽن ۾ طئي ٿيندو آهي.

جي آر ايسٽ اي 5 جاپان جي 1964 ۾ ٺهيل سڀ کان پهرين تيز ترين ٽرين آهي. اها ٻه سو ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان سفرڪندي آهي. مسافرن لاءِ ست سو ايڪٽيهه سيٽون آهن جڏهن ته البراق نالي سان آفريقا ۾ پهريون ڀيرو بلٽ ٽرين متعارف ٿي جنهن کي عوام لاءِ ٻه هزار ارڙنهن ۾ کوليو ويو.

اي وي اي ايس 103 اسپين ۾ 1992 ۾ متعارف ٿيندڙ پهرين بلٽ ٽرين هئي جيڪا تيزترين ٽرينز جي لسٽ ۾ اچي وئي. اها ٽرين 193 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان هلندي آهي جڏنهن ته ڏکڻ ڪوريا ۾ ڪي ٽي ايڪس نالي تيز ترين ٽرين هلندي آهي. اٽلي جي ٽرين اٽاليا اي ٽي آر 1000 جي رفتار 186 ميل في ڪالڪ جي رفتار سان هلندي آهي، ان ۾ مسافرن لاءِ 457 سيٽون آهن.

تازو حرمين هاءِ اسپيڊ ريلوي مڪي کان مديني جي وچ ۾ 186 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر ڪندڙ تيز ترين بلٽ ٽرين آهي. ٻن ڪلاڪن ۾ اها ٽرين مسافر کي هڪ شهر کان ٻئي شهر پهچائڻ جي سگهه رکي ٿي.

Read Previous

شهباز شگري سان سٺي نموني رشتو ختم ڪيو: آئما بيگ

Read Next

گوگل ميسيجز به واٽس ايپ جيان اڀرڻ لڳو

Most Popular