گوگل ميسيجز به واٽس ايپ جيان اڀرڻ لڳو

واٽس ايپ سان مقابلي لاءِ گوگل ميسيجز ۾ نون فيچرز جو واڌارو ڪري ڇڏيو آهي.

گوگل پاران ميسيجز ايپ کي ايپل ميسيجز ۽ واٽس ايپ جي مقابلي ۾ بهتر بڻائڻ جي رٿا بندي جاري آهي.

تازو گوگل ميسجز ۾ ڪجهه نوان فيچرز متعارف ٿيا آهن جيڪي هن ايپ کي واٽس ايپ جي ڀيٽ ۾ بهتر بڻائڻ ۾ ڪارائتوڪردارادا ڪندا.

گوگل جي رپورٽ موجب گوگل ميسيجز ۾ ايندڙ وقت ۾ نوان فيچرز متعارف ڪيا ويندا.

انهن مان ڪجهه فيچر مخصوص ميسجز تي ريپلاءِ جي سهولت فراهم ڪندو، جيڪو واٽس ايپ تي واهپيدار عام استعمال ڪندا آهن.

واهپيدار ڪنهن ميسج تي ايموجي به ٺاهي سگهندا جڏهن ته ميسجز ۾ وائس نوٽس ٽو ٽيڪسٽ ٽرانسڪرائب جو فيچر به متعارف ڪيو ويندو.

ان فيچر سان جڏهن واهپيدار ميسج ٻڌڻ نه چاهيندو ته ان کي ٽيڪسٽ ۾ تبديل ڪري سگهندو.

گوگل ۾ ميسجز تي مختلف اينڊرائڊ فونز ۾ ايس ايم ايس ۽ ايم ايم ايس لاءِ باءِ ڊيفالٽ ايپ هوندي آهي جيڪا رچ ڪميونيڪيشن سروسز (آر سي ايس) کي سپورٽ ڪندي آهي.

گوگل پاران آر سي ايس کي ايس ايم ايس جي جاءِ تي متعارف ڪيو ويو ته جيئن ايس ايم ايس جديد واهپيدارن جي استعمال ۾ اچي.

Read Previous

دنيا جي ڏهه ملڪن ۾ هلندڙ تيز ترين ٽرينز جا انوکا روٽ

Read Next

چانهه شوگر جو خطرو وڌائي ٿي يا گهٽائي؟ نئين تحقيق ۾ واضح ٿي ويو

Most Popular