ايران: گرفتاري هيٺ عورت جي فوتگي وارو معاملو، پندرهن شهرن ۾ احتجاج

ايران ۾ پوليس جي گرفتاري ۾ عورت جي فوتگي واري واقعي خلاف احتجاج پندرهن شهرن تائين پهچي ويا. مختلف واقعن ۾ هڪ پوليس اهلڪار ۽ ٽي مظاهرو ڪندڙ مارجي چڪا آهن.

پرڏيهي ميڊيا موجب تهران، مشهد، تبريز ۽ شيراز سميت مختلف شهرن ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون جنهن دوران ڀڃ ڊاهه سميت مختلف روڊ رستا به بند ڪيا ويا.

پوليس مظاهرو ڪندڙن کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ جي لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ ڪئي. شيراز ۾ ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار مارجي ويو ۽ چار ڄڻا زخمي ٿي پيا ۽ جڏهن ته ڪيترن ئي مظاهرو ڪندڙن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب واقعي خلاف جاري احتجاج ۾ هن وقت تائين ٽي مظاهرين به مارجي چڪا آهن.

Read Previous

آءِ سي سي ڪرڪيٽ قانون تبديل ڪري ڇڏيا

Read Next

ڪابل جي ريسٽورنٽ ۾ ڌماڪو، ٽي ڄڻا اجل جو شڪار، تيرنهن زخمي

Most Popular