آءِ سي سي ڪرڪيٽ قانون تبديل ڪري ڇڏيا

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل بال تي ٿڪ لڳائڻ واري پابندي کي مستقل ڪرڻ سميت ڪيئي پليئنگ ڪنڊيشنز ۾ تبديليون ڪري ڇڏيون آهن.

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ڪرڪٽ جي پليئنگ ڪنڊيشنز تبديل ڪندي نئون نظام متعارف ڪرايو آهي، نون قانونن تحت ڪيچ پڪڙڻ تي ڪراسنگ باوجود هاڻي نئون ايندڙ بيٽر ئي پهريون بال کيڏندو، ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۽ ون ڊي ۾ نئين ايندڙ بيٽر لاءِ ٻه منٽن ۾ بال کيڏڻ لاءِ تيار رهڻ ضروري هوندو، جڏهن ته ان کان اڳ بيٽر وٽ ٽن منٽن جو وقت هوندو هو.

اهڙي نموني مقرر وقت گذري وڃڻ کانپوءِ مخالف ڪپتان ٽائم آئوٽ جي اپيل ڪري سگهي ٿو ها پر ٽي ٽوئنٽي ۾ اهو وقت هڪ منٽ ٽيهه سيڪنڊ برقرار آهي.

بالر جڏهن بالنگ ڪرڻ لاءِ ڀڄي رهيو هوندو ان دوران فيلڊنگ ۾ تبديلي ڪرڻ تي ڊيڊ بال سان گڏ مخالف ٽيم کي پنج پئنلٽي رنسون پڻ ڏنيون وينديون جڏهن ته بال ڊيليور ٿيڻ کان اڳ وڪيٽ کان ٻاهر نڪرڻ واري اسٽرائيڪر کي ٿرو ڪرڻ جي ڪوشش تي امپائر ڊيڊبال ڏيڻ جو پابند هوندو.

نان اسٽرائيڪر جيڪڏهن اڇلايل بال کان اڳ رنس وٺڻ لاءِ ڪريز کان ٻاهر نڪرندو ته بالر طرفان اهو رن آئوٽ غيرمنصفاڻو نه هوندو پر اهو باظابطا رن آئوٽ هوندو.

Read Previous

ائين صفا نه ڪجو، پاڪستاني ڪرڪيٽرز لاءِ نئون هدايت نامو جاري

Read Next

ايران: گرفتاري هيٺ عورت جي فوتگي وارو معاملو، پندرهن شهرن ۾ احتجاج

Most Popular