برطانيا دنيا وارن لاءِ پنهنجا دَر کولي ڇڏيا، پرڏيهين لاءِ اهم فيصلو

برطانوي حڪومت طرفان ويزا سسٽم ۾ وڏي نواڻ آڻڻ جو امڪان آهي ته جيئن اهم صنعتن جي حوالي سان فردي طاقت واري کوٽ جي مسئلي تي ضابطو آڻي سگهجي.

فنانشل ٽائمز جي هڪ رپورٽ موجب وزيراعظم لز ٽرس طرفان پرڏيهي ورڪرن جي لاءِ ويزائون حاصل ڪرڻ سولو بڻايو ويو آهي ته جيئن اهم صنعتن کي فردي قوت فراهم ڪري سگهجي.

اهو فيصلو برطانيا ۾ ڪساد بازاري جي خبرداري کانپوءِ ڪيو ويو آهي.

برطانوي وزيراعظم طرفان ڪجهه شعبن جي لاءِ انگلش ڳالهائڻ واري شرط کي به نرم ڪيو ويو آهي ته جيئن برطانيا ۾ گهڻي انگ ۾ پرڏيهي اچي سگهن.

برطانوي حڪومت تي صنعتن جي حوالي سان پرڏيهي ورڪرن جي لاءِ ويزا سسٽم ۾ نرمي ڪرڻ جو دٻاءُ وڌو ويو هو.

نئين پروگرام جي تحت يورپي يونين کان ٻاهر ملڪن سان واسطو رکندڙ پرڏيهي ماڻهن جي لاءِ برطانيا ۾ داخل ٿيڻ سولو بڻايو ويو آهي. جنهن جي لاءِ ويزا فيس به گهٽائي وئي آهي.

ڊگهي عرصي لاءِ پرڏيهي ورڪرن کي پنج سالن کانپوءِ برطانيا ۾ رهڻ جي لاءِ پنجٽيهه هزار اٺ سئو پائونڊن واري پگهار جو شرط به پورو نه ڪرڻو پوندو.

رپورٽ موجب نئين پروگرام جي تحت زراعت جي لاءِ به پرڏيهي ورڪرن تي لاڳو پابندي کي ختم ڪيو ويو آهي.

Read Previous

وزيراعظم هائوس محفوظ ناهي ته پوءِ ڪهڙي جاءِ محفوظ هوندي؟ فواد چوڌري

Read Next

نائيجيريا ۾ ڌاڙيلن جو مسجد تي حملو، پندرهن ماڻهو مارجي ويا

Most Popular