نائيجيريا ۾ ڌاڙيلن جو مسجد تي حملو، پندرهن ماڻهو مارجي ويا

نائيجيريا جي اتر اولهه رياست زمفرا جي علائقي ۾ رووان جيما ٽائون جي هڪ مقامي مسجد تي ڌاڙيلن حملو ڪري پندرهن ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيو.

برطانوي خابرو اداري جي هڪ خبر موجب موٽرسائيڪلن تي سوار هٿياربندن مسجد ۾ گهري انڌادنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ مسجد ۾ موجود پندرهن نمازي مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

رپورٽ موجب شهرين جو چوڻ آهي ته واقعي وقت فوري طور تي پوليس کي اطلاع ڏنو ويو هو پر پوليس ڪا به فوري ڪاروائي عمل ۾ نه آندي.

شهرين چيو آهي ته انهن ڌاڙيلن کي ايڪويهه هزار ڊالر، پيٽرول ۽ سگريٽ ڏنا هئا ته جيئن اهي شهر تي رحم ڪن تنهن هوندي به ڌاڙيلن مسجد تي حملو ڪري بي گناهه ماڻهن کي قتل ڪيو آهي ۽ پوليس ڪا به ڪاروائي ناهي ڪئي.

واضح رهي ته گذريل ٻن سالن کان اتر اولهه نائيجيريا جي مختلف شهرن ۾ ڌاڙيلن جي راڄ دهشت ڦهلائي آهي ۽ ان دوران هزارين شهرين جي ڀتي لاءِ اغوا سميت سوين ماڻهن کي قتل ڪيو ويو آهي.

Read Previous

برطانيا دنيا وارن لاءِ پنهنجا دَر کولي ڇڏيا، پرڏيهين لاءِ اهم فيصلو

Read Next

ڪينيڊا ۾ انڌاري ۽ طوفان سان مينهن، ڪيترن ئي علائقن ۾ ايمرجنسي لاڳو

Most Popular