لنڊا بازار مان استعمال ٿيل ڪپڙا پهريندي هيس: فضا علي

پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور ادارا فضا علي انڪشاف ڪيو آهي ته ڪيريئر جي شروعات ۾ لنڊي مان استعمال ٿيل ڪپڙا وٺي پائيندي هئي.

هڪ خانگي چينل کي انٽرويو ڏيندي تازو فضا علي انٽرويو ۾ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ۾ ڏکيائين بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.

هن ٻڌايو ته هن ڪراچيءَ ۾ پهريون اپارٽمنٽ ڏاڍو مشڪل سان ورتو هيو.

هن چيو ته کيس پيس گڏ ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿي ڇاڪاڻ ته کيس تعليم جاري رکڻي هئي ۽ ماءُ جي ڪينسر جي علاج جو خرچ به پورو ڪرڻو هيو جيڪو مهانگو هيو.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته هن لنڊا بازار مان استعمال ٿيل ڪپڙا ۽ جتيون ورتيون، هن ڪڏهن به عالي شان هوٽل ۾ ناهي کاڌو.

Read Previous

صالح پٽ جي محلا عاشق حسين شاه جي رهواسين حاجي شير محمد مهر ۔ عبدالغني ڪانڌڙو ۔ بچل مهر۽ ٻين احتجاج

Read Next

فٽبال کيڏندي رونالڊو جو مخالف رانديگر سان خطرناڪ ٽڪر، رت واهه

Most Popular