صالح پٽ جي محلا عاشق حسين شاه جي رهواسين حاجي شير محمد مهر ۔ عبدالغني ڪانڌڙو ۔ بچل مهر۽ ٻين احتجاج

صالح پٽ (رپورٽ غلام علي ملاح) صالح پٽ جي محلا عاشق حسين شاه جي رهواسين حاجي شير محمد مهر ۔ عبدالغني ڪانڌڙو ۔ بچل مهر۽ ٻين احتجاج ڪندي ميڊيا آڏو دانهيو آھي ته ڪيترن ئي مهينن کان اسان جي گهٽين جي صفائي ناهي ٿي ۽ نه ئي وري ڪو ڊرينج سسٽم درست ڪيو ويو آھي جنهن ڪري گٽرن جو پاڻي اسان جي گهرن ۾ ڪاهي پيو آھي هنن چيو ته گٽرن ۾ پاڻي جمع ٿيڻ جي ڪري مڇرن اسان سان آزار ڪري ڇڏيو آھي هنن وڌيڪ چيو ته ڪيترائي ڀيرا ٽي ايم او آفيس ۾ شڪايت ڪرڻ جي باوجود ڪوبه تدارڪ نه ٿيو هنن وڌيڪ چيو ته بار بار چوڻ جي باوجود جمعدار وحيد صفائي ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو هنن ڪمشنر سکر ۽ اعلا اختيارين کي اپيل ڪئي آھي ته اسان جي محلي ۾ صفائي ۽ڊرينج سسٽم درست ڪرائي شھرين مان بي چيني ختم ڪئي وڃي

Read Previous

ڪينيڊا ۾ انڌاري ۽ طوفان سان مينهن، ڪيترن ئي علائقن ۾ ايمرجنسي لاڳو

Read Next

لنڊا بازار مان استعمال ٿيل ڪپڙا پهريندي هيس: فضا علي

Most Popular