پاڪ فوج جو هيلي ڪاپٽر ڪري تباهه، ڇهه اهلڪار شهيد

بلوچستان ۾ پاڪ فوج جو هيلي ڪاپٽر ڪري تباهه ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ 2 ميجرز سميت 6 اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب پاڪ فوج جو هيلي ڪاپٽر بلوچستان جي علائقي هرنائي ۾ ڪري تباهه ٿي ويو ، حادثي جي نتيجي ۾ ٻن پائلٽس سميت ڇهه اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن.

آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جو هيلي ڪاپٽر گذريل رات فلائنگ مشن دوران ڪري تباهه ٿيو، حادثي ۾ شهيد ٿيندڙن ۾ ميجر محمد منيب افضل، ميجر خرم شهزاد، نائيڪ جليل، صوبيدار عبدالواحد، سپاهي محمد عمران ۽ سپاهي شعيب شامل آهن.

وزيراعظم شهباز شريف هيلي ڪاپٽر حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته قوم شهيدن جي وارثن جي ڏک ۾برابر جي شريڪ آهي، پنهنجي بيان هن چيو ته دعا آهي ته الله تعاليٰ شهيدن کي جنت الفردوس ۾ اعلي ۽ مقام ۽ پونئرن کي صبر عطا فرمائي

Read Previous

چوڌري نثار سرگرم، ن ليگ ۾ واپسيءَ جا امڪان

Read Next

مريم نواز جي هڪ ٻي آڊيو اچڻ واري آهي: عمران خان

Most Popular