چوڌري نثار سرگرم، ن ليگ ۾ واپسيءَ جا امڪان

پنجاب ۾ اوچتو چوڌري نثار علي سرگرم ٿي ويو آهي، پنهنجي تڪ ۾ هڪ آفيس ۾ به ويهڻ ۽ تڪ جي معززن سان ملاقاتون ڪرڻ شروع ڪيون آهن.

نامياري صحافي شاڪر سولنگي جو چوڻ آهي ته چوڌري پنجاب اسيمبلي جي انهن ايم پي ايز سان به رابطا ڪري رهيو آهي جيڪي پنهنجي پارٽي قيادت کان ناراض آهن، چوڌري نثار شايد پنهنجو الڳ آزاد گروپ ٺاهي ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺڻ چاهي ٿو.

ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته چوڌري نثار جا وزيراعظم شهباز شريف، سعد رفيق ۽ اياز صادق سان به سٺا لاڳاپا ۽ رابطا رهيا آهن ان ڪري اهو به ممڪن آهي ته ن ليگ ۾ واپسيءَ جو سوچيندو هجي پر فوري طور ان جي ترديد ڪئي پئي وڃي.

نوٽ: هي تبصرو روزاني عوامي آواز سومر 2022-09-26 تي شائع ٿيو

Read Previous

واٽس پنهنجو اهم فيچر ختم ڪري ڇڏيو

Read Next

پاڪ فوج جو هيلي ڪاپٽر ڪري تباهه، ڇهه اهلڪار شهيد

Most Popular