آمريڪي، ڏکڻ ڪوريائي فوجي مشقن کان اڳ اتر ڪوريا جو سرپرائز

ڏکڻ ڪوريا ۽ آمريڪا جي گڏيل فوجي مشقن ۽ آمريڪي نائب صدر ڪمالا هيرس جي دوري کان اڳ اتر ڪوريا پنهنجي اوڀر سمنڊ کان سمنڊ ڏانهن هڪ بيلسٽڪ ميزائل هلايو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب ڏکڻ ڪوريا جي فوج چيو ته اهو هڪ مختصر فاصلي تائين مار ڪندڙ بيلسٽڪ ميزائل هو، ان 60 ڪلو ميٽرن جي اوچائي تي تقريبن 600 ڪلو ميٽر (373 ملي) پري تائين اڏام ڪئي.

ڏکڻ ڪوريا جي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف هڪ بيان ۾ چيو ته اتر ڪوريا جو بيلسٽڪ ميزائل جو تجربو سنگين شرپسندي آهي، جنهن سان ڏکڻ ڪوريا ۽ عالمي برادري جي امن ۽ سلامتي کي خطرو آهي.

واضح رهي ته اتر ڪوريا طرفان اهو تجربو جوهري صلاحيت رکندڙ آمريڪي جهاز بردار بحري ٻيڙي ”يو ايس ايس رونالڊ ريگن“ جي ڏکڻ ڪوريائي فوج سان 26 کان 29 سيپٽمبر تائين 4 ڏينهن جي مشقن ۾ حصو وٺڻ لاءِ آمد کانپوءِ ۽ هلندڙ هفتي ڪمالا هيرس جي ڏکڻ ڪوريا جي طئي ٿيل دوري کان اڳ ڪيو ويو آهي.

Read Previous

ننڍڙو نظر ايندڙ هي پکي وڏو خطرناڪ آهي، ٻين پکين جي رت پيئي ٿو !

Read Next

18 سالن کانپوءِ به اڄ تائين پيءُ اڻلڀ آهي

Most Popular