18 سالن کانپوءِ به اڄ تائين پيءُ اڻلڀ آهي

مشڪ ڪليم هڪ انٽرويو ۾ ذاتي زندگي بابت ڳالهائيدي وڏو انڪشاف ڪيو. هن ٻڌايو ته ارڙنهن سالن جي هئي جو سندس پيءُ اغوا ٿيو هو ۽ اڄ تائين اڻلڀ آهي.

پاڪستان جي مشهور اداڪارا ماڊل مشڪ ڪليم انڪشاف ڪيو آهي ته سندس پيءُ کي گمشده ڪيو ويو هو جيڪو هن وقت تائين ناهي پهتو.

تازو سوشل ميڊيا تي مشڪ ڪليم جي ويب شو کي ڏنل انٽرويو جو ڪلپ وائرل ٿي ويو  آهي جنهن ۾ ماڊل کان سندس پيءُ بابت ميزبان عفت عمر سوال ڪيو.

سوال جي جواب ۾ مشڪ چيو ته هو چار ڀينر آهن ۽ سندس پيءُ ٻه هزار تيرنهن ۾ گم ٿي ويو هو، پيءُ کي نائيجيريا مان کنڀيو ويو هيو ۽ هن وقت تائين واپس ناهن ٿيا.

مشڪ ڪليم ٻڌايو ته پيءُ جي وڇوڙي کي نو سال ٿي ويا آهن ۽ هن وقت تائين ڪا خبر ناهي ملي.

هن چيو ته کيس يقين آهي ته هر حال ۾ انسان کي شڪر ڪرڻ گهرجي، جڏهن سندن سان اهو واقعو ٿيو ته سندس وڏي ڀاءُ جي عمر اڻويهه سال هئي ۽ ٻه ڀائر ننڍا هيا، ان وقت کيس اندازو ٿيو ته زندگي غيرامڪاني آهي، ماڻهن کي هر وقت هر صروتحال لاءِ تيار رهڻ گهرجي.

ماڊل چيو ته ان کانپوءِ سندس ماءُ همٿ ڪئي جنهن کان هوءَ متاثر ٿي، اڪيلي ماءُ چئين ڀينر لي نپايو، پڙهايو، پيءُ جي وڇوڙي کانپوءِ امڙ پٿر جي ڀت وانگر اسان جي سامهون رهي.

مشڪ ڪليم موجب سندس ماءُ ڪا نوڪري ناهي ڪئي ڇاڪاڻ ته سندس پيءُ جي سٺي نوڪري هئي جنهن سبب ماءُ وٽ سٺي سيونگ هئي.

Read Previous

آمريڪي، ڏکڻ ڪوريائي فوجي مشقن کان اڳ اتر ڪوريا جو سرپرائز

Read Next

حديقا ڪياني رڪشا ڊرائيور جي جيءُ جهوريندڙ ڇڏي

Most Popular