ٻارن جي پرائيويسي ۾ ناڪامي سبب ٽڪ ٽاڪ تي امڪاني ڏنڊ

برطانيا ۾ ٻارن جي پرائيويسي جي تحفظ کي يقيني نه بنائڻ تي ٽڪ ٽاڪ کي ڳورو ڏنڊ ڀرڻ جو امڪان آهي.

انفارميشن ڪمشنر آفس (آءِ سي او) پاران جاري بيان موجب ٽڪ ٽاڪ کي نوٽس جاري ڪيو ويو آهي جيڪو امڪاني ڏنڊ جي سزا ٻڌائڻ جي ڪارروائي جي شروعات به آهي.

آءِ او سي جاچ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٽڪ ٽاڪ طرفان تيرنهن سالن کان گهٽ عمرجي ٻارن جي ڊيٽا کي والدين جي اجازت کانسواءِ پراسيس ڪيو ويندو آهي.

جاچ موجب ٽڪ ٽاڪ شفاف طريقي سان پنهنجي واهپيدارن جي تفصيل فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام  ويو هو.

آءِ سي او موجب ڊجيٽل سروسز فراهم ڪندڙ ڪمپنين جو قانوني فرض آهي ته هو واهيپدارن جي تحفظ کي يقيني بڻائي، شروعاتي جاچ ۾ ڄاڻ ملي ته ٽڪ ٽاڪ ڪمپني اهو ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي.

جاچ مان ظاهر ٿيو آهي ته ٽڪ ٽاڪ مئي ٻه هزار ارڙنهن کان جولاءِ ٻه هزار ويهه جي وچ ۾ يو ڪي ڊيٽا پروٽيڪشن قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.

جيئن سوشل ميڊيا ڪمپني ان حوالي سان پنهنجو دفاع ڪرڻ ۾ ناڪام وئي ته مٿس ٻه ڪروڙ نوي لک ڊالرز تائين ڏنڊ لڳايو ويندو.

ٻي پاسي ٽڪ ٽاڪ جي ترجمان بيان ۾ چيو آهي ته هو برطانيا ۾ پرائيويسي جي تحفظ لاءِ آِ سي او جي ڪردار جو احتام ڪن ٿا، جڏهن ته شروعاتي جاچ جي نتيجن سان متفق ناهن ۽ ان بابت آءِ سي او سامهون موقف بيان ڪرڻ لاءِ تيار آهن.

Read Previous

بابر ۽ رضوان جي جوڙي هڪ ٻيو ڪارنامو انجام ڏئي ڇڏيو

Read Next

پنوعاقل جي يونين ڪائونسل 9 نارو همٿر ۾ صحافي سٿ جا فلاحي ڪم جاري

Most Popular