پنوعاقل جي يونين ڪائونسل 9 نارو همٿر ۾ صحافي سٿ جا فلاحي ڪم جاري

سلطانپور رپورٽ ضميرحسين انڍڙ پنوعاقل جي يونين ڪائونسل 9 نارو همٿر ۾ صحافي سٿ جا فلاحي ڪم جاري ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن يوسي ناروهمٿر جي وارڊ نمبر 3 ۾ موجود مختلف ڳوٺن ۾ وٽرنري عملي سان پهچي مالوند مارونئڙن جي چوپائي مال کي بيماري کان بچاء جون وئڪسين ڪرائي کين دوائون ڏنيون تفصيل موجب پنوعاقل جي گهڻي آبادي واري يوسي ناروهمٿر ۾ موجود ڳوٺ فيض محمد مهر، ميوو مهر، ڪريم بخش تڙت، سميت ۽ آسپاس ۾ آيل برساتي ٻوڏ متاثرين ۾ پڻ ھلي وڃي مال جي بچاء جي ويڪسين ڪئي ۽ مفت دوائون تقسيم ڪيون ڪئمپ جي انچارج ڊاڪٽر دوست محمد ڪلهوڙو چيو ته حاليـه برساتن سبب مال ۾ مڇرن جي کاڌ سان گڏ ڦڦڙي سيڙھاني جھٽڪو بخار ڪارو واء سمھڙو ۽ ورو جھڙيون بيماريون تيزي سان پکڙجنديون وڃن جنهن جي بچاء جا مال کي ٽڪا لڳاياسين ۽ ان کان علاوه چوپائي مال جون دوائون پڻ مفت تقسيم ڪيون مختلف ڳوٺن ۾ تازو برساتين ۽ مڇرن سبب چوپائي مال ۾ پيدا ٿيندڙ بيمارين ۽ ان ۾ مرندڙ چوپائي مال سبب ڳري نقصان کان بچائڻ لاءِ اتان جي مالوند ماڻهن کي ترت فائدو رسائڻ لاءِ سلطانپور پريس ڪلب جي ٽيم صدر قربان مهر، سينئر صحافي ميان علي گوهر انڍڙ ،محمود مهر ،حافظ خدابخش انڍڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وٽرنري ڊاڪٽرن جي ٽيم ڊاڪٽر دوست محمد ڪلهوڙي جي نگرانيءَ هيٺ پهچي 1000 کان وڌيڪ جانورن جي چڪاس ڪري کين وئڪسين لڳايون ۽ کين دوائون مهيا ڪيون ان وقت ڊاڪٽر دوست محمد ڪلهوڙي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان پوري سکر ضلعي اندر سنڌ گورنمينٽ جي سهڪار سان روزانو جي بنياد تي هزارين جانورن جنهن ۾ ڳئون، مينهن، ٻڪريون ۽ رڍون پڻ شامل آهن انهن کي وئڪسين لڳائي مختلف بيمارين کان بچائي ورتو آهي ڇاڪاڻ ته تازو هلندڙ برساتين ۽ مڇرن سبب هتان جي مالوند ماڻهن جو ڪافي گهڻو نقصان ٿيو آهي ۽ سندن چوپايو مال مئو آهي جنهن جو اسانکي درد ۽ ڏک آهي پر وري به ڪوشش ڪريون پيا ته ماڻهن کي ترت فائدو رسائجي ان موقعي تي ڳوٺاڻن محمد عثمان مهر عبدالفتاح مهر، عبدالجبار جتوئي ۽ ٻين صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته اسين شڪر گذار آھيون سلطانپور پريس وارن جا جن اسانجي چوپائي مال جي گھر ويٺي اچي ويڪسين ڪئي ۽ مفت دوائون ڏنيون سندن چوڻ هو ته سلطانپور پريس ڪلب جا صحافي دوست جس لهڻا جنهن مسلسل رابطي ۾ رهي اسان سان ڏورانهين علائقن ۾ ماڻهن تائين رسائي ڪرائي اسان جي خوب مدد ڪئي خدا پاڪ کين ان جو اجر ضرور ڏيندو،

Read Previous

ٻارن جي پرائيويسي ۾ ناڪامي سبب ٽڪ ٽاڪ تي امڪاني ڏنڊ

Read Next

ٺٽي : راڄو ڳوٺ جي ڪيترن ئي رھواسي ٻوڏ متاثرين ھڪ سماجي تنظيم پاران راشن لاء مليل ٽوڪن ھٿ ۾ کڻي احتجاج

Most Popular