ٺٽي : راڄو ڳوٺ جي ڪيترن ئي رھواسي ٻوڏ متاثرين ھڪ سماجي تنظيم پاران راشن لاء مليل ٽوڪن ھٿ ۾ کڻي احتجاج

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) تعلقي ٺٽي جي يوسي ٽنڊو حافظ شاھ جي وڏي آبادي واري راڄو ڳوٺ جي ڪيترن ئي رھواسي ٻوڏ متاثرين ھڪ سماجي تنظيم پاران راشن لاء مليل ٽوڪن ھٿ ۾ کڻي احتجاج ڪندي تنوير ميمڻ ۽ ٻين چيو تہ سندن سمورو ڳوٺ سنڌو درياء جي پاڻي جي نظر ٿي ويو آھي، جنھن ڪري اسان سخت پريشان آھيون اسانجي ڪير بہ پوئيواري ڪرڻ وارو ناھي، جنھن ڪري ٻچا لنگھڻ ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل آھن. ھنن الزام ھڻندي چيو تہ سندن متاثر راڄو ڳوٺ جي ٻوڏ متاثرين جي مدد لاء اسلامڪ رليف پاڪستان جي ٽيم 10 سيپٽمبر تي پھچي ٿيل نقصان جي سروي ڪري 363 خاندانن کي ٽوڪن ڏيئي 11 تاريخ تي سامان ڏيڻ جو واعدو ڪري ھليا ويا، پر 2 ھفتا گذرڻ باوجود اسانکي مليل ٽوڪنن جو سامان ملي ناھي سگھيو، ھنن ڊي سي ٺٽو، سي ايم سنڌ جي اسپيشل اسسٽنٽ ضلعي ٺٽي جي صدر صادق علي ميمڻ، ايم پي اي سيد رياض حسين شاهه شيرازي کي اپيل ڪئي آھي تہ ھو پاڻ نوٽس وٺي کين مليل ٽوڪنن جون سامان ڏياري پريشاني کان بچائين، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

Read Previous

پنوعاقل جي يونين ڪائونسل 9 نارو همٿر ۾ صحافي سٿ جا فلاحي ڪم جاري

Read Next

پنوعاقل بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سينٽر تي سفارش تي من پسند ماڻھن کي چور دروازي کان پئسا ملڻ لڳا،

Most Popular