ڪچي تيل جي اگهن ۾ لاٿ، ملڪ ۾ پيٽروليم شيون سستون ٿيڻ جو امڪان

عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمت گهٽجڻ کانپوءِ ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو امڪان آهي.

پيٽروليم انڊسٽري ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرين آڪٽوبر کان ملڪ ۾ پيٽروليم شين جا اگهه گهٽجڻ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب پهرين آڪٽوبر کان ڊيزل جي قيمت 15 رپيا في ليٽر تائين گهٽجي سگهي ٿي، جڏهن ته پيٽرول جي قيمت 5 رپيا في ليٽر تائين گهٽجڻ جو امڪان آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته 29 سيپٽمبر تائين امپورٽڊ فيول جي قيمت موجب پهرين آڪٽوبر کان گهٽ اگهه لاڳو ٿيندا.

پيٽروليم انڊسٽري ذريعن موجب پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي ۾ واڌ نه ٿي ته گهٽتائي يقيني آهي.

Read Previous

پنوعاقل بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سينٽر تي سفارش تي من پسند ماڻھن کي چور دروازي کان پئسا ملڻ لڳا،

Read Next

وزيراعظم هائوس جي ڊيٽا ليڪ ٿيڻ جي معاملي تي جي آءِ ٽي قائم، اعليٰ سطحي جاچ ٿيندي

Most Popular