وزيراعظم هائوس جي ڊيٽا ليڪ ٿيڻ جي معاملي تي جي آءِ ٽي قائم، اعليٰ سطحي جاچ ٿيندي

وزيراعظم هائوس مان ڊيٽا هيڪ ٿيڻ جي معاملي جي جاچ لاءِ جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم (جي آءِ ٽي) جوڙي وئي آهي.

ذريعن موجب وزيراعظم هائوس جي ڊيٽا هيڪ ٿيڻ جي معاملي جي اعليٰ سطحي جاچ جي شروعات ڪئي وئي آهي، جي ٽي آءِ ۾ ڳجهن ادارن جو هڪ هڪ نمائندو شامل هوندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته جي آءِ ٽي اها جاچ ڪندي ته ڪيئن آءِ ٽي ڊيٽا هيڪ ڪئي وئي، جي آءِ ٽي کي اختيار هوندو ته اها وزيراعظم هائوس جي عملي کي به جاچ ۾ شامل ڪري.

ذريعن موجب وزيراعظم هائوس ۾ ڊوائسز لڳايون ويون يا موبائل رڪارڊنگ ٿي، اها جاچ به ٿيندي، جاچ ٽيم جائزو وٺندي ته واقعي وقت ڪهڙو ڪهڙو آفيسر وزيراعظم هائوس ۾ موجود هو، وزيراعظم سيڪريٽريٽ ۾ مقرر اسپيشل برانچ جي اهلڪارن کان به جاچ ڪندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم هائوس ۽ آفيس ۾ مقرر سيڪيورٽي اهلڪارن جي چرپر محدود ڪئي وئي آهي.

هوڏانهن وزيراعظم هائوس سميت اهم هنڌن تي ڳجهي رڪارڊنگ جي معاملي تي وزيراعظم قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس به سڏائي رهيو آهي.

Read Previous

ڪچي تيل جي اگهن ۾ لاٿ، ملڪ ۾ پيٽروليم شيون سستون ٿيڻ جو امڪان

Read Next

منهنجي موٽڻ سان ئي ملڪ جو قرض 1350 ارب رپيا گهٽجي ويو: اسحاق ڊار

Most Popular