عرفان سمي جي موسيقي ۽ سميرا علي جي سريلي آواز ۾ نئون گانو جدائي

ميوزڪ لائين اسٽوڊيو پاران پروڊيوسر جاويد بروهي ۽ وفا خالد ميمڻ جي محنت سان عرفان سمي جي شاندار موسيقي، عبدالحق ڏيپر جي شاعري ۽ سميرا علي جي سريلي آواز ۾ نئون وڊيو گانو تيار ڪيو آهي جنهن جو ڊائريڪٽر پرويز سومرو اهي.

اهو گانو جلد شوقينن لاءِ رليز ڪيو ويندو جنهن بابت جاويد بروهي جو چوڻ آهي ته ڳائڻي سميرا علي جو ڊوئٽ گانو پاڪستان جي مشهور فنڪار سان رڪارڊ ڪيو پيو وڃي جنهن جي وڊيو گوادر ۾ شوٽ ٿي آهي.

ڳائڻي سميرا علي چيو آهي ته مان پروڊيوسر جاويد بروهي جي ٿورائتي آهيان جنهن مون کي هن منزل تائين پهچايو.

جاويد بروهي سدائين غريب فنڪارن جي مدد ڪئي آهي.

Read Previous

”ڀتو ڏيو نه ته ڊيٽا ڊارڪ ويب تي ڏسندئو“

Read Next

” ڪراچي وارن پاڻ ملهايو، هاڻي لاهور وارن جو وارو آهي“

Most Popular