”ڀتو ڏيو نه ته ڊيٽا ڊارڪ ويب تي ڏسندئو“

آسٽريليا ۾ هڪ هيڪر ماڻهن جي چوري ٿيل ذاتي ڄاڻ جي حوالي سان هڪ ملين ڊالر ڀتي جو مطالبو ڪندي ڌمڪي ڏني آهي ته ڀتو نه ڏيڻ جي صورت ۾ ڊيٽا کي ڊارڪ ويپ تي اپلوڊ ڪري ڇڏيندو.

اهڙي ڌمڪي کانپوءِ پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي.

هيڪر طرفان آپٽس جي ڪجه ڪسٽرمز جي ڊيٽا جاري به ڪئي وئي آهي جڏهن ته هو ڀتو ڪرپٽو ڪرنسي جي شڪل ۾ گهري رهيو اهي.

هيڪنگ جو اهو واقعو گذريل هفتي سامهون آيو هو ۽ خبر پئي هئي ته هڪ ڪروڙ ماڻهن جي ڊيٽا چوري ڪئي وئي آهي جنهن تي حڪومت ليڪس سائبر سيڪيورٽي ڪمپني تي تنقيد ڪئي هئي.

Read Previous

سويڊن کان پوءِ اٽليءَ ۾ به ساڄي ڌر جي حڪومت

Read Next

عرفان سمي جي موسيقي ۽ سميرا علي جي سريلي آواز ۾ نئون گانو جدائي

Most Popular